جرمني جي عدالت جو فيسبڪ تي ڏنڊ

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي عدالت نفر پکيڙيندڙ مواد خلاف ڪارروائي ۾ غير شفافيت تي سماجي رابطن جي مشهور ويب سائٽ فيسبڪ تي 20 لک يوروز جو ڏنڊ هڻي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پهرين جنوري 2018ع کان لاڳو ڪيل قانون تحت ٽوئٽر ۽ فيسبڪ جهڙين ڪمپنين کي جرمن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پوسٽون هٽائڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت حاصل آهي.

ان کان علاوه اهڙو ناپسنديده مواد، جنهن جي درجه بندي ڪرڻ ڏکيو هجي، انهن کي 7 ڏينهن اندر هٽائڻ لازمي آهي.

قانون تحت ان شرطن تي پورو نه لهندڙ سوشل ميڊيا ڪمپنين کي 5 ڪروڙ يورو ( 6 ڪروڙ ڊالر) تائين ڏنڊ جي ڏنڊ سان منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

ان سان گڏوگڏ آن لائن ڪمپنين لاءِ هر 6 مهينن بعد نفرت پکيڙيندڙ مواد خلاف کنيل قدمن بابت رپورٽ ڇاپڻ ضروري آهي.

جرمن عدالت طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ فيسبڪ تي 22 لک 60 هزار ڊالرن جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، پر فيسبڪ ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرائي سگھي ٿو.

فيسبڪ تي اهو ڏند جنوري کان جون 2018ع دوران واهپيدارن طرفان ڪيل شڪايتن بابت جواب ڏيڻ ۾ ناڪامي تي لڳايو ويو.

عدالت موجب  رپورٽ ۾ غير قانوني مواد تي واهپيدارن جي شڪايت جو رڳو هڪ حصو شامل آهي.

ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ويو ته جرمن قانون تحت جرم جوڳي مواد بابت شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ فيسبڪ پنهنجي باقائده طريقيڪار ۽ هڪ چينل جي آڇ ڪندو آهي، جنهن کي عدالت انتهائي ڳجهو قرار ڏنو آهي.

پر ٻين چينلن ذريعي داخل ڪرايل  شڪايتون ڇاپيل رپورٽ ۾ شامل آهن جڏهن ته فيسبڪ جي طريقي ڪار تحت رپورٽ ڪيل مواد شامل ناهي.

عدالت جو چوڻ آهي ته وڏي پيماني تي مشهور طريقيڪار مان موصول ٿيل شڪايتن جو انگ غور ڪرڻ جوڳو آهي، تنهنڪري رپورٽ جيڪو ڪجهه به پيش ڪيو آهي اهو اڻ پورو آهي.

رپورٽ موجب فيسبڪ پهرين جنوري 2018ع کان 30 جون 2018ع دوران ڇاپيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته 886 واهپيدارن جي شڪايتن تي هڪ هزار 7 سئو پوسٽن کي هٽايو ويو هو جن مان 218 ڄڻن طرفان رپورٽ ڪيل 326 پوسٽن کي ڊيليٽ يا بلاڪ ڪيو ويو.

ان کان علاوه ڄاڻايل عرصي دوران يوٽيوب جي 2 لک 15 هزار ويڊيوز خلاف شڪايتون موصول ٿيون جن مان رڳو 58 هزار کي ڊيليٽ ڪيو ويو جڏهن ته ٽوئٽر کي 2 لک 65 هزار شڪايتون موصول ٿيون جن مان 29 هزار ٽوئٽس ڊيليٽ ڪيا ويا.