لاڳيتو بي خوابي دل جي مرض ۽ فالج جو سبب بڻجي سگھي ٿي

اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۽ سويڊن جي طبي  ماهرن وڏي تحقيق کان پوءِ چيو آهي ته لاڳيتو بي خوابي جيڪا )جيڪا هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ هڪ ماڻهو  يا عورت کي ننڊ ناهي ايندي يا  وري گھٽ ايندي آهي) جو شڪار ماڻهو خاص ڪري عورتن ۾ دل جي مرض ۽ فالج جو خطرو وڌي سگھي ٿو ڇو جو تحقيق مان انسومنيا (بي خوابي) ۽ شريانين جي تنگي وچ  ۾ هڪ گھرو واسطو دريافت ٿيو آهي.

سائنسدانن اهو واضح  طور تي چيو آهي ته اسان حتمي طور تي نٿا چئي سگھون ته بي خوابي ئي دل جي مرض جو مرڪزي سبب آهي يا وري انهن ٻنهي ڪيفيتن جو گڏيل طور تي ڪو به واسطو ناهي، اها تحقيق اسٽاڪ هوم ۾ موجود ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهر سوسينا لارسن جي سربراهي ۾ ڪئي وئي آهي.

پنهنجي نوعيت جي ان پهرين سروي ۾ سوسينا ۽ ان جي ساٿين گريگر مينڊل سلهاڙيل مينڊيليئن طريقيڪار  کي پنهنجي تحقيق ۾ استعمال ڪيو. ان ٽيڪنيڪ ۾ ڪنهن علامت سان واسطو رکندڙ جينياتي عمل کي به شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن نتيجن ۾ ڪنهن به تعصب ۽ جانبداري کي گھٽ ڪري سگھجي. هاڻ اهو ڄاڻي وٺو ته آخر ڪيترن ماڻهن تي اها سروي ڪئي وئي. لڳ ڀڳ 13 ماڻهن جو ڊگھي عرصي تائين مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ڏس ۾ چار وڏن مطالعن کي شامل ڪيو ويو.

سائنسدانن ڏٺو ته ننڊ جي گھٽتائي سبب بڻجندڙ جينياتي عمل ئي دل جي مرض ۽ فالج سان راسطو رکي ٿو. يعني خبر پئي ته جيڪي جين اوهان کي سمجهڻ ناهن ڏيندا، اهي ئي جين دل جا دشمن به آهن ۽ وڏي فالج جو سبب بڻجي ويندا آهن.

سوسينا چيو ته ان تحقيق مان خبر پئي آهي ته زندگي لاءِ ننڊ ڪيتري ضروري آهي ۽ بي خوابي کي نفسياتي ۽ ٻين طريقن سان پري ڪري دل کي هڪ وڏي خطري کان محفوظ رکي سگھجي ٿو. پر ان تحقيق جو ڪجهه حدون ۽ خاميون به آهن، ماهرن هان به ننڊ جي گھٽتائي جو اصل سبب ناهي ٻڌايو پر ان جي جينياتي سبب تي بحث ڪيو آهي. ان تي وڌيڪ تحقيق جي اشد ضرورت آهي.