گجر جو مربو

شيون:

گجر: 2 ڪلو

کنڊ: 2ڪلو

ڪيوڙو: ضرورت موجب

ساوا ڦوٽا 15 عدد

ترڪيب : گجر کي ڇلي چار ٽڪر ڪيو . گجر ۾ موٽي هڊي هجي ته ڪڍي ڇڏيو . ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي گجرن کي پچايو.ان کان پوءِ کنڊ کي چاشني بڻائي وجهي ڇڏيو. جڏهن گجر ڳري وڃي ته ان ۾ ڪيوڙو شامل ڪري ڇڏيو ۽ ڦوٽا به ڇلي وجهي ڇڏيو. هاڻ ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪنهن خشڪ ٿانو ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ٿڌو ٿيڻ تي پيش ڪيو.

You might also like