ڇونه عيد شهرن ۾ گذارجي

مقبول ملاح

پاڪستان جي تازي آدمشماري مطابق پاڪستان جي شهري آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ شهر ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، جڏهن ته ڳوٺاڻي زندگي سخت کان سخت ٿيندي پئي وڃي، گذريل چند سالن کان ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ زرعي مشينن جي استعمال ڪري  خرچن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽  آبادگار فصل مان ساليانو خرچ به نه ٿا ڪڍي سگهن، اهو ئي سبب آهي ته شهرن سان لڳو لڳ زرعي زمينن کي ڪمرشل بنيادن تي وڪرو ڪري ڪالونيون آباد ڪيون ويون آهن ۽ سنڌ جا ننڍا توڙي وڏا شهر آبادي ۽ پکيڙ جي حساب سان ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن.

 

80 وارن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ قاسم آباد جو وجود ئي نه هيو، قاسم آباد سميت حسين آباد ۽ لطيف آباد وارن علائقن ۾ زرعي زمينون قائم هيون، ۽ سنڌو درياءَ مان سڌو واڌو واهه وهندو هيو، جيڪو نه صرف علائقي جون زمينون آباد ڪندو هيو، پر پيئڻ جو صاف پاڻي به واڌو واهه مان کنيو ويندو هيو، پر لساني جهيڙن کانپوءِ هي شهر آباد ٿيو ۽ زرعي زمينون ڪمرشل اسڪيمن ۾ تبديل ٿي ويون ۽ قاسم آباد سميت حسين آباد ۽ لطيف آباد کي آباد ڪندڙ توڙي پيئڻ جي پاڻي جو ذريعو واڌو واهه ڏسندي ئي ڏسندي گٽر نالو بڻجي ويو ۽ هن وقت قاسم آباد جي گندي پاڻي جي نيڪال جو سڀ کان وڏو ذريعو واڌ واهه ئي آهي ۽ گذريل چند سالن کان قاسم آباد جي برساتي پاڻي جو نيڪال جو واحد ذريعو به واڌو واهه آهي. ايتري تائين جو واڌو واهه جي ڀر وارا علائقا حيدرآباد جي مهانگي ترين ريٽ تي وڪرو ٿين ٿا، ۽ واڌو واهه جي ڀر ۾ جيتريون به رهائشي اسڪيمون قائم آهن، انهن جو گندو پاڻي واڌو واهه ذريعي ئي نيڪال ٿيندو آهي.

هڪ وقت هيو جڏهن سفري سهولتون نه هئڻ ڪري ماڻهو ڳوٺن کان شهر، خاص ڪري اتر سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو حيدرآباد توڙي ڪراچي کي پرديس سمجهندي روزگار لاءِ به نه ايندا هئا ۽ نوڪري کي نيچ ڪوٺندي پنهنجي ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو ڪرڻ توڙي مال متاءُ ڌارڻ کي  بهتر سمجهندا هئا ۽ هو ان وقت خوش وقت به گذاريندا هئا.   پر سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙي لڳڻ کانپوءِ سنڌ ۾ زرعي زمينون بنجر بنجنديون ويون جنهن کانپوءِ ماڻهن روزگار کي اوليت ڏيندي نوڪري کي نيچ ڪوٺڻ ڇڏي ڏنو ۽ ايتري تائين جو لکين روپيا رشوت عيوض به نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون. جيتوڻيڪ اسان جا ماڻهو حيدرآباد توڙي ڪراچي کي پرديس ڪوٺڻ ڇڏيو ۽ روزگار لاءِ شهرن جو رخ ته ڪيو، پر قبرستان سدائين پنهنجي ڳوٺ جو استعمال ڪيو، ڀلي ڪٿي به هو رهن پر عيد سدائين هو ڳوٺ ڪرڻ لاءِ ويندا آهن، جيڪا روايت گهٽي ضرور آهي پر اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.

 

سواءِ چند انهن علائقن جيڪي قاسم آباد ۾ قائم پراڻيون آباديون آهن، سدائين پورو قاسم آباد عيد وارن ڏينهن ۾ خالي هوندو آهي، هر ماڻهو عيد  جون موڪلون ٿيندي ئي ڳوٺ روانا ٿي ويندا آهن ۽ ڪراچي جي به ڪيترن علائقن جو به اهو ئي حال آهي، عيد پنهنجي ڳوٺ ئي ڪرڻي آهي، جنهن جو ٽرانسپورٽر پورو پورو فائدو وٺندا آهن.

جيتوڻيڪ ضلعي سطح تي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ادارو موجود آهي، جيڪي ڀاڙن تي ڪنٽرول ڪندي لسٽ جاري ڪندا آهن، پر عيد وارن ڏينهن ۾ ٽرانسپورٽرن کان ڪير پڇڻ وارو به نه هوندو آهي، ۽ هو پاڻ مرادو ٻيڻ تي ڪراين ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهن، هو ايتري تائين بااثر هوندا آهن ته جيڪڏهن ڪير کائنس غير ضروري ڪرائي جي اضافي بابت پڇندو آهي ته هو ان کي گاڏي مان ئي لاهي ڇڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻين ٿا ته هنن کي عيد ته ڳوٺ ئي ڪرڻي آهي ته تنهن ڪري ڪيترو به ڪرايو مقرر ڪيون، هو ڏيندا ضرور، ۽ ٻارڙن کي عيد لاءِ ڳوٺ وٺي ويندڙ ماڻهو ڪڏهن به بس اسٽاپ تان واپس ڪونه ايندو آهي.

جيتوڻيڪ ميڊيا طرفان هر عيد تي اهڙيون رپورٽون شايع ڪيون وينديون آهن، پر تنهن هوندي به حڪومت ان طرف ڪوبه توجهه نه ڏيندي آهي، نئين پاڪستان ۾ ته پيٽرول، ڊيزل توڙي سي اين جي جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي، تنهن ڪري ڪرايا ته اڳ ئي وڌي چڪا آهن، مٿان وري ٽرانسپورٽرن جون منمانيون.

آئون ته صرف سنڌ وارين کي گذارش ئي ڪري سگهان ٿو ته پنهنجن شهرن جي مالڪي ڪيو، ڇاڪاڻ ته جيستائين توهان شهرن کي پنهنجو نه سمجهندا يقينن عيدون به اتي نه ڪندا، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سوشل ميڊيا تي سنڌ دوست ماڻهو سدائين توهان کي گذارش ڪندا آيا آهن ته عيدن تي وڃڻ ڇڏي ڏيو، نه صرف توهان ڳاٽي ٽوڙ ڪرايا ڏيو ٿا پر هڪ ڏينهن لاءِ سخت پريشان به ٿيو. هاڻي ته سفر ايترو سولو ٿي پيو آهي جو توهان پنهنجن ڳوٺن ڏانهن عام ڏينهن ۾ آرام سان وڃي سگهو ٿا. پنهنجي سان ملي هر ڏينهن کي عيد جو ڏينهن ڪري ملهائي سگهو ٿا.