فرينچ اونين سوپ

شيون

بصر باريڪ ڪٽيل: 2/1 ڪلو

ٿوم: چوپ ٿيل 4 ڳڙيون

مرغي جي يخني: 4 پياليون

ڪريم: 2/1 پياليون

ڪٽيل ڳاڙها مرچ: 1 چانهه جو چمچو

فرنچ بريڊ: 6 سلائس

چيڊر ۽ موزريلا پنير: 1 پيالي

لوڻ: ضرورت موجب

اجمودو: ٻرڪڻ لاءِ

ترڪيب: ديڳڙي ۾ بصر وجهي ان کي بادامي بڻايو، ان کان پوءِ ٿوم ۽ ميدو وجهي چند منٽن تائين ان کي پچايو. ان ۾ يخني وجهي ان کي اوٻاريو ۽ گڏوگڏ هينڊ بلينڊر سان هڪ ڪرو ڪندا هلو. ڊبل روٽي جي ٽڪرن تي پنير لڳائي پهرين کان گرم ٿيل اوون ۾ 180 ڊگري سينٽري گريڊ تي سنهري رنگ اچڻ تائين ان کي پچايو ۽ هر پيالي تي هڪ ڊبل روٽي رکي ڇڏيو. مزيدار اجمودو ٻرڪي پيش ڪيو.

You might also like