چئن ملڪن پاران گڏيل قومن کان ماحولياتي گدلان خلاف ٺوس بندوبست ڪرڻ جي اپيل

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ سائنس ۽ طب جي ماهرن هڪ آواز ٿي ڪري دنيا کان اپيل ڪئي آهي ته هو فوري طور تي هوائي آلودگي يا ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

برازيل، آمريڪا، جرمني ۽ ڏکڻ آفريقا جي سائنسي ۽ طبي تنظيمن جي ماهرن گڏيل طور تي گڏيل قومن کي رابطو ڪري اپيل ڪئي آهي ته ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪرڻ جي اهم فيصلي ۽ ٽيڪنالوجي کي سموري دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.

گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماحولياتي گدلاڻ جي ترديد نه ڪرڻ جوڳا سائنسي ثبوت ملڻ کان پوءِ دنيا کان اها اپيل ڪئي پئي وڃي.

 گڏيل قومن کي چيو ويو آهي ته ان عالمي معاهدي تحت صاف هوا هر هڪ جو بنيادي حق هئڻ گھرجي. ان تحت اهڙا عمل اختيار ڪيا وڃن جن سان ماحولياتي گدلاڻ کي تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي بڻائي وڃي ته جيئن پائيدار ترقي کي هٿي ڏئي سگھجي ۽ ان ۾ سيڙپڪاري به ممڪن ٿي سگھي ٿي.

هاڻي اها ڳالهه  سائنسي طور تي ثابت ٿي چڪي آهي ته ماحولياتي گدلاڻ سموري دنيا ۾ هر سال 70 لک موتن جو سبب بڻجي رهي آهي جن ۾ پوڙها، ٻار ۽ عورتون شامل آهن. ان کان علاوه ماحولياتي گدلاڻ ٻارن ۾ دماغي ڪمزوري جو سبب بڻجي رهي آهي جڏهن ته وڌيڪ مسئلن ۾ ڪينسر، بلڊ پريشر، دم ۽ شگر جهڙا مرض به ان سان لاڳاپيل آهن.

هن سال سيپٽمبر مهيني نيويارڪ ۾ آب هوا تي عالمي ڪانفرنس “ڪلائمٽ سمٽ” ٿي رهي آهي. ماهرن ان موقعي تي سڀني ملڪن کي چيو آهي ته هو ماڻهن کي صاف هوا فراهم ڪن جيڪو هنن جو بنيادي حق آهي ۽ ان ڳالهه جي ضمانت ڏيڻي پوندي ته هو ماحولياتي گدلاڻ کي گھٽ يا ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي واضح ڪندا.

ماهرن چيو ته سڀئي ملڪ پنهنجين ڪاميابين ۽ تجربن کان ٻين کي آگاهه ڪن ته جيئن ٻيا ملڪ به پنهنجي ملڪ ۽ شهرن تي ان کي لاڳو ڪري سگھن. گڏوگڏ صنعتن وغيره ۾ آلودگي جي خرچن کي سختي سان ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ سخت پاليسيون بڻائڻيون پونديون.

گھڻي گدلاڻ فوسل ٻارڻ، گيس، تيل يا ڪاٺي ساڙڻ مان پيدا ٿيندي آهي. ان گدلاڻ ۾ اهڙا ذرڙا به شامل هوندا آهن جن جو قطر اڍائي مائڪرون تائين هوندو آهي. اهي سنهڙا ذرڙا ٻين ڳرن ذرڙن جي ڀيٽ ۾گھڻي دير تائين هوا ۾ موجود رهندا آهن ۽ ساهه جي رستي ڦڦڙن ۽ جسم ۾ داخل ٿيندا آهن ايتري تائين جو رت جي رڳن ۾ به پهچي ويندا آهن.

يونيورسٽي آف سائو پالو ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي پروفيسر پائولو آرٽيڪسو چوندا آهن، هوائي آلودگي جا ڪجهه ذرڙا ڦڦڙن، دل، دماغ، جلد ۽ ٻين عضون کي به نقصان رسائي رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي مرض ۽ پيدا ٿي رهيا آهن.

ماهرن زور ڏنو آهي ته اهو  ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ميٿين نالي گيس خارج ٿيڻ سبب ٿي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي گيسون گرين هائوس گيسن ۾ سڀ کان خطرناڪ آهن. اهي آب هوا ۾ تبديلي جو سبب بڻجي رهيا آهن جنهن ۾ گلوبل وارمنگ به شامل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.