اڳوڻو پاڪستاني امپائر رياض الدين لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جو اڳوڻو ٽيسٽ امپائر رياض الدين دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

61 سالن جي رياض الدين جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊزيز منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو.

رياض الدين کي پاڪستان جي سڀ کان ننڍي عمر جي ٽيسٽ امپائر هجڻ جو اعزاز حاصل هو، جڏهن ته هن سڀ کان وڌيڪ فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ امپائرنگ جو به رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.

هن 1990ع کان 2002ع دوران گڏيل طور تي 12 ٽيسٽ ميچن ۽ 12 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض انجام ڏنا.

15 ڊسمبر 1958ع ۾ ڄاول رياض الدين 15 ڊسمبر 2018ع تي رٽائرڊ ٿي ويو هو، هو ڪراچي ڪرڪيٽ جي سياست ۾ به گھڻو فعال هو، زون هڪ سان واسطو رکندڙ رياض الدين کي سي سي اي ۾ هم خيال گروپ جو اڳواڻ تصور ڪيو ويندو هو.

سي سي اي جي صدر نديم عمر، زون ون جي صدر جلال الدين ۽ ٻين رياض الدين جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظهار ڪندي سندس لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي آهي.

You might also like