عيد ۽ گم ڪيل ڳڀرن جي پيارن جون وڃايل مرڪون

سارن زين چانڊيو

ڪائنات م ممتا جي اهميت آ ھي، اها ممتا ماء کان شروع ٿي ڌرتي ماء تاين وسيع ٿئئ ٿو۔جيڪا ملڪ ۽ رياست به ٿي سگهي ٿي۔ پر  ملڪ ۾ به ممتا سان ڪجهه اهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي.

هتي ماءُ جا پيارا پيارا ٻچا ڪيترن ورهين کا اهڙن هنڌن تي آهن جن جو هنن کي پتو ئي ناهي پرديس ۾ رهندڙ به رابطن ذريعي ماءُ کي آٿت ڏيندو رهندو آهي پر جنهن جي واپسي جي ڪا به اميد نه هجي ڄڻ هن جي واپسي لاءِ اڻ تڻ موجود هجي سندس نه هجڻ  جي باري ۾ به غير يقيني صورتحال هجي هن ممتا جو انصاف ڪير ڪري سگھي ٿو.

ممتا جي احساس کان وانجهيل ڇا انسان ٿي سگھي ٿو ڪيئي عيدون گذري ويون آهن ڪيترائي ماڻهو ٻن ٻن اڍائي اڍائي سالن کان کنڀي گم ڪيل آهن.انهن جو ڪهڙو به ڏوهه هجي پر ڇا قانون جي نظر ۾ هنن کي عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگھجي يا هنن جو ڏوهه ايترو طاقتور آهي قانون کان به طاقتور آهي جو قانون هنن خلاف سڌي ريت ڪاروائي نٿو ڪري سگھي ڇا اهڙي گمشدگي به قانوني بڻيل آهي جنهن ۾ وارثن کي پتو نه هجي ۽ جنهن جي ڪير مالڪي به نه ڪري ته اهو گم ٿيل  سندن وٽ موجود آهي يا اهو عمل اسان ڪيو آهي يا اها گمشدگي هنن ڪئي آهي. جيلن ۾ ملاقات تي بندش ٿي سگھي ٿي نظر بندين ۾ ملاقات جو سلسلو بند ٿي سگھي ٿو پر موجود هجڻ يا نه هجڻ جي اڻ تڻ اها ڳڻتي اندر کي ڳاري ٿي جيڪا ممتا جو احساس رکندڙ ماڻهو ئي ڄاڻي سگھي ٿو.

"سارنگ زين چانڊيو”

ٻچڙو باندي بند ۾ 

هيل به عيد اچي وئي 

جگر جي جدائي جو ،

سور آ سنَڌ سَنڌ ۾ 

ڪاريون ،ڪوٺيون، ڪڙا 

قهاري َهن ڪنڌ ۾ 

راهون نهاريان پئي

پڇا ڪيم هنڌ هنڌ ۾ 

سج اڀرندو سوراج جو،

ڪنهن اونداهيءَ انڌ ۾ 

منزل نيٺ ته ماڻبي 

آهيون اڃا پنڌ ۾

ان ممتا جو احساس ڪنهن  شاعر هن طريقي بيان ڪيو آهي شيخ اياز چيو آهي ته ڪاش اهو تون ڄاڻي ها آزاد فضا ڇا ٿيندي آ ڇا آزاد فزا ڳولهڻ آزاد فضا جي گھر ڪڍڻ يا آزاد سوچ جو اظهار ڪرڻ ڏوهه آهي ڇا اختلافن کي برداشت ڪندڙ رياستون نه هونديون آهن ڇا هي رياست ايتري ڪمزور آهي جو اختلافن کي برداشت نه ڪري سگھي ڪيترائي کنڀيل وڏي وقت کان پوءِ موٽي آيا آهن انهن ۾ هدايت لوهار موجود آهي جنهن جي امڙ سندس صدمي ۾ راهه رباني ٿي چڪي آهي ۽ سندس نياڻين روڊن تي ڇا وهيو واپريون انهن سان ڪهڙي حالت ٿي اها سموري دنيا ڏسي چڪي آهي هن کي هڪ  هنن هڪ استاد کي هينڊ گرنيڊ جي ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي پر گھٽ ۾ گھٽ هن جي موجودگي جو احساس ته ٿيو ڪيترائي ماڻهو ٻن ٻن اڍائي اڍائي سالن کان  گم آهن کين عيد جي موقعي تي هنن جي گھروارن هنن جي ٻچڙن جي اندر ۾ ڪهڙا احساس هوندا پنهنجائپ ۽ اوپرائپ اهي به زندگي ۾ ٻه  احساس آهن اوپرائپ جهڙي ڪيفيت ڪنهن ۾ به نه اچي ڇل پر پنهنجن جي جدائي ۽ اهم موقعن تي خوشيون خواب بڻجي وينديون آهن جڏهن پيارا گم هوندا آهن اسان ممتا جو ذڪر ڪيوسين رياست ماءُ جهڙي هوندي آهي رياستون ممتا رکنديون آهن رياست پنهنجي ڀٽڪيل ٻچن کي به سڌارينديون آهن نائن اليون واقعي ۾ جان واڪر هڪ آمريڪي طالبان ظاهر ٿيو جيڪو وڏي سانحي ملوث هيو انهيءَ سانحي آمريڪا کي ڌوڏي ڇڏيو هو پر هن جان واڪر کي سڌاري هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو  آمريڪا ان ۾ پنهنجي ممتا ظاهر ڪئي ڇا هي رياست به پنهنجن ٻارن لاءِ جو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي هن رياست جا ٻار، هن رياست جا فرد ممتا جي تلاش ۾ آهن ۽ اهي اميد ۾ آهن ته ڪڏهن اها ممتا جاڳندي .

 

You might also like