پيرن جي حفاظت به ضروري آهي…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  اڪثر عورتون خوبصورت نظر اچڻ لاءِ پنهنجي چهري تي خاص ڌيان ڏينديون آهن ۽ مختلف نُسخا آزمائينديون رهيون آهن پر چهري سان گڏوگڏ هٿن توڙي پيرن جي حفاظت به لازمي آهي. سڄو ڏينهن ڪم ۽ سار سنڀال نه ڪرڻ سبب گهڻي قدر پير ڦاٽي پوندا آهن، جنهن سبب عورتون پريشان رهنديون آهن پر هاڻ انهن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ۽ اسان جي ٻڌايل ٽوٽڪي تي عمل ڪري اهي به پنهنجي پيرن کي ڦاٽڻ کان بچائي سگهن ٿيون.

طريقو: هڪ عدد گوگڙو کڻي کَلن سوڌو ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن وڏي ٿانوَ ۾ پاڻي ڀري انهن کي اٻارڻ شروع ڪيو. جڏهن گوگڙو ڳري وڃن ته انهن ۾ لوڻ ۽ سرنهن جو تيل ملائي ڇڏيو، پوءِ پاڻي ۾ پنهنجا پير وجهي ويهي رهو، جڏهن ته پاڻي ٿڌو ٿي وڃي ته پير ڪڍي ڪنهن ڪپڙي سان صاف ڪيو. اهو عمل 3 کان 4 ڏينهن ورجائڻ کانپوءِ توهان جا پير ڦاٽڻ بند ٿي ويندا.

You might also like