مڇي پچائڻ جي سولي ترڪيب…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ وقت هوندو هو جڏهن ماڻهن کي مڇي کائڻ پسند هوندو هو، پر اڄ ڪالهه مڇي بدران چڪن، بيف ۽ مٽن جي گوشت کي گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي.

ماضي ۾ مڇي کپائيندڙ دڪاندار گھٽين ۾ مڇي کپائيندي نظر ايندا هئا پر هاڻ ائين ٿيڻ به گھٽ ٿي ويو آهي.

بازارن ۾ به مڇي کان وڌيڪ مرغي کي پسند ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته وڌندر مهانگائي سبب ماڻهو مڇي خريد ڪرڻ گھٽ ڪري ڇڏيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: خوراڪ جو عالمي ڏينهن: کاڌي کي زيان ٿيڻ کان بچايو

مڇي گھٽ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته گھڻن ماڻهن کي مڇي پچائڻ ڏکيو لڳندو آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي ته وڏن وڏن ريسٽورنٽ ۾ وڃي مڇي ته کاڌي ويندي آهي پر گھر ۾ پچائڻ ڏکيو سمجهيو ويندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: بکئي ماڻهو کي ماني وڌيڪ ڇو وڻندي آهي…؟ ماهرن ٻڌائي…

هتي اسان مڇي پچائڻ جي مزيدار ترڪيب بيان ڪري رهيا آهيون، ان کي پنهنجي بورچي خاني ۾ به ضرور آزمائيندا.

شيون:

ڇهن ماڻهن لاءِ

مڇي- هڪ پائونڊ 6 کان 8 پيس

مصالحا ميرينيڊ لاءِ:

ڳاڙها مرچ پائوڊر- چانهه جو هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ ڪٽيل- اڌ چمچو

ڪٽيل زيرو- چانهه جو هڪ چمچو

گرم مصالحو- چانهه جو اڌ چمچو

ڪٽيل ثابت ڌاڻا- چانهه جو هڪ چمچو

اجوائن-اڌ چمچو

انارداڻو ڪٽيل-چانهه جو هڪ چمچو

ليمي جي رس- ٻه کانب ٽئي کائڻ جا چمچا

ڪٽيل ٿوم – چانهه جو هڪ چمچو

ادرڪ ڪٽيل- چانهه جو هڪ چمچو

لوڻ-  ذائقي موجب

ساوا مرچ- چانهه جو هڪ چمچو

بيٽر لاءِ شيون:

بيسڻ-  هڪ ڪوپ

چانورن جو اثو- کائڻ جا ٽئي چمچا

هيڊ-  چانهه جو اڌ چمچو

ڳاڙها مرچ پائوڊر- اڌ چمچو

بيڪنگ پائوڊر- اڌ چمچو

ڪٽيل ٿوم- چانهه هو هڪ چمچو

انڊو-هڪ عدد

کائڻ جو تيل 3 کائڻ جا چمچا

ٿڌو پاڻ- ڌيڍ کان اڍائي مگ، بيٽر کي بڪوڙي جي مرڪب جيترو ڇٽرو رکڻو آهي.

کائڻ جو رنگ

لوڻ ذائقي موجب

ترڪيب:

مڇي کي ڌوئي خشڪ ڪيو ۽ ان ۾ مصالحا گڏائي 6 کان 8 ڪلاڪن لاءِ فرج ۾ رکي ڇڏيو.

ٿڌو پاڻ ملائي بيٽر بڻايو ۽ هاڻ ان ۾ مڇي کي ٻوڙيو.

پوءِ هڪ ديڳڙي ۾ تيل گرم ڪيو ۽ مڇي جي ٽڪرن کي ڏهن منٽن تائين تريو، پوءِ ڪنهن پيپر ٽاول تي ڪڍي وٺو ۽ ٿڌو ٿيڻ ڏيو.

تيل ٻيهر گرم ڪيو ۽ مڇي کي هڪ ڀيرو وري ٻه کان 3 منٽن تائين تريو، تيل مان ڪڍي گرم گرم گدامڙي سائي ڇٽڻي سان گڏ پيش ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.