مڇي، پٽاٽا ۽ ميٿي

شيون

مڇي 1 ڪلو

پٽاٽا اڌ ڪلو

ميٿي (سڪل) 1 پيڪيٽ

لوڻ ذائقي موجب

بصر 1 پاءُ

هيڊ اڌ چانهه وارو چمچو

ٿوم 2 ڇٽانگ

سُڪا ڌاڻا پيٺل 1 چانهه جو چمچو

ادرڪ 1 ڇٽانگ

ڌؤنرو 1 پاءُ

گيهه 1 پاءُ

اڇو جيرو 2 چپٽيون

ترڪيب:

مڇيءَ جا وچين درجي جا ٽُڪر ڪَٽي وٺو ۽ انهن تي لوڻ ٻُرڪي هڪ ڪلاڪ تائين رکي ڇڏيو. پوءِ بيسڻ سان چڱيءَ طرح مَهٽي ڌوئي وٺو. ان ۾ ٿوم، لوڻ، ڳاڙها مرچ، هيڊ ۽ ادرڪ پيهي لڳائي ڇڏيو ۽ ٻن کان ٽِن ڪلاڪن تائين رکي ڇڏيو. هاڻي گيهه هڪ ڪڙهائيءَ ۾ وجھي مڇيءَ کي مصالحي سميت تَري وٺو. مڇي جڏهن اڌ پچي وڃي ته ان کي ڪڍي وٺو. ديڳڙيءَ ۾ باقي گيهه کي به باهه تي گرم ڪيو، ان ۾ بصر ۽ ٿوم جا ڪتر ڪري بادامي ڪلر ٿيڻ تائين تَري وٺو، پوءِ ان کي پين ۾ لاهيو. هاڻي ڏهي ۽ مڇيءَ کي اتي ئي ڦينٽي ان ۾ پٽاٽا وجھي ان ۾ ٿورو پاڻي وجھي ڍڪڻ مضبوطيءَ سان بند ڪيو. هلڪي باهه تي ان کي پچڻ ڏيو، جڏهن ته پٽاٽا ڳري وڃن ۽ پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته مڇي ۽ سُڪي ميٿي وجھي چند منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيوس. جيڪڏهن ان ڀاڃيءَ ۾ رس چاهيو ٿا ته ضرورت موجب ان ۾ رس به ڪري سگھجي ٿي.

You might also like