ناسا مريخي زلزلي جي پهرين رڪارڊنگ جاري ڪري ڇڏي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ناسا طرفان مريخ تي لاٿل جديد ترين خلائي کوجي “انسائيٽ مارس لينڊر” انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ”مارس ڪوئيڪ” يعني مريخي زلزلي کي رڪارڊ ڪيو آهي.

ماهرن ان کي “مارس ڪوئيڪ” يعني مريخي زلزلي جو نالو ڏنو آهي جنهن مان ظاهر آهي ته ڳاڙهو سيارو مريخ هاڻي به ارضياتي (زميني)  طور تي سرگرم آهي. ان کان اڳ ماهرن چيو هو ته مريخ تي ايندڙ زلزلي جا جهٽڪا ان تي گھلندڙ هوا بدران اندروني ان جي اندر اچي رهيا آهن ۽ هاڻي ان ڳالهه جي تصديق ٿي چڪي آهي.

سائنسدانن جو خيال آهي ته مريخي زلزلن کي ڄاڻي اسان ان جي اندروني ارضياتي( زميني) ساخت کي سمجهي سگھون ٿا. انسائيٽ خلائي جهاز گذريل سال نومبر ۾ مريخ تي لاٿو ويو هو ان کي خاص طور تي مريخ جي اندروني خبر ڏيڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. جديد ترين اوزارن سان ليس انسائيٽ مريخ جي اندروني پاري، مٽي جي ڪيفيت، ان جي گردش ۽ زلزلي جي سرگرمين تي تحقيق لاءِ ٺاهيو ويو آهي.

انسائيٽ ۾ لڳل سيسمڪ ايڪسپيريمنٽ فار انٽيريئر اسٽرڪچر (ايس اي آءِ اي ايس) مريخي زلزلي جو پهريون آواز 6 اپريل تي رڪارڊ ڪيو هو جنهن تي ماهر گھڻا خوش آهن. ايس اي آءِ اي ايس ٽيم جي سربراهه فلپ لاگنون ٻڌايو ته ڪيترن مهينن کان اسان ان سگنل جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته مريخ هاڻي زميني لحاظ سان سرگرم آهي ۽ ان ڪري مريخ جي اندروني ڪيفيت کي ڄاڻڻ ۾ به مدد ملندي. پر ماهرن زلزلي جا وڌيڪ ٽئي جهٽڪا به محسوس ڪيا آهن پر انهن جي شدت گھڻي ڪمزور هئي. هاڻي جيڪڏهن قسمت مهربان رهي ته اڳتي به اهڙا زلزلا ايندا رهندا ۽ ائين مريخ کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.

انسائيٽ سان واسطور رکندڙ مرڪزي سائنسدان بروس بينرٽ جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين مريخ تي ان جي پس منظر جا آواز ئي رڪارڊ ٿيا هئا پر پهريون ڀيرو اسان مريخي زلزلن جي مشاهدي طرف وڌي رهيا آهيون.

You might also like