سريلنڪا ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ نمبر ون پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 64 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بالنگ جو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

دعوت ملڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪن ڪرڪيٽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون، دنوشڪا گناٿلاڪا 57 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته آوشڪا فرنينڊو 33 ۽ ڀنوڪا راجاپاڪسا 32 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: محمد حسنين ڪيريئر جي منڍ ۾ ئي هيٽ ٽرڪ جو اعزاز ماڻي ورتو

پاڪستان طرفان محمد حسنين بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي شاندار هيٽ ٽرڪ ڪئي، جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 17.4 اوورن ۾ 101 رنسن تي ڍير ٿي وئي، قومي ٽيم جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه پهتا.

وڏي وقت کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل به ٻوٽو نه ٻاري سگهيا، احمد شهزاد 4 رنسون ۽ عمر اڪمل کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو.

افتخار احمد 25، ڪپتان سرفراز احمد 24 ۽ بابر اعظم 13 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا، ٻين رانديگرن ۾ آصف علي 6، عماد وسيم 7، فهيم اشرف 8، شاداب خان 6 ۽ محمد عامر هڪ رنس ٺاهي.

سريلنڪا طرفان پرديپ ۽ اڊانا بهترين بالنگ ڪرائيندي 3-3 وڪيٽون ورتيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.