مستقبل ڏسڻ لاءِ سڀ کان اڳ پنهنجا پير ڏسڻا پوندا….

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان حڪومت نه پنهنجي منزل طرف ڌيان رکي رهيو آهي.

لاهور ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مستقبل ڏسڻ لاءِ سڀ کان اڳ پهنهنجا پير ڏسڻا پوندا.

هن چيو ته ماضي ۾ اسان جون ترجيحون اهي نه هيون جيڪي هجڻ گھرجن ها، ليڊر مستقبل جي نسل لاءِ پلان ڪندو آهي. عمران خان شارٽ ٽرم پاليسي لاءِ ڪم ناهي ڪري رهيو، عمران خان جي پهرين ترجيح فارن ريزرو وڌائڻ هيو. اهڙي ڪهڙي حڪومت هئي جيڪا آءِ ايم ايف وٽ نه وئي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي ان ڳريل ۽ سڙيل نظام کان ڇوٽڪارو ڏياريندو، 30 هزار ارب قرض اسان جي حڪومت جي حصي ۾ آيو، واپاري خسارو 32 ارب ڊالر هو، اسان چيلينج قبول ڪيو.

هن چيو ته اسان هڪ اسٽريٽجي جوڙي، پروفيشنل ٽيم کي ساڻ کنيو، 99 سيڪڙو ماڻهو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، اسان ڄار وڇائي پڪڙڻ نٿا چاهيون، اسان سڀني کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا.

فردوس عاشق  جو چوڻ هو ته وزيراعظم هن وقت قوم جي ضرورت آهي، عمران خان جو ڪم رڳو شيشو ڏيکارڻ آهي، جنهن جي چهري تي ڪرپشن جا داغ آهن، ان کي اهو عمل ناهي نٿو وڻي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نيب خود مختار ادارو آهي، اسان ان کي غلامي کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي، نيب ڪنهن فرد جي خواهش تي تابع نه هجي، پر قانون جي تابع هجي.عمران خان نيئن پاڪستان ۾ ادارن کي طاقت ڏني، ملڪ جو اصل حسن جمهور لاءِ ڪم ڪرڻ آهي.