مخالف ڌر جي ڪري سينيٽ سياسي ايڊونچر جو شڪار….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي ڪري سينيٽ سياسي ايڊونچر جو شڪار آهي، سينيٽ چيئرمين کان ڪهڙي گستاخي ٿي وئي جي تحريڪ عدم  اعتماد وٺي آيا آهيو.

تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي قانون جي پاسداري ڪئي آهي، سينيٽ کي آئين جي موجب پنهنجو خود مختيار ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته عوام پڇي رهيو آهي ته چونڊيل چيئرمين هنن جي شان ۾ ڪهڙي گستاخي ڪئي آهي، صادق سنجراڻي قانون جي پابندي ڪئي رڳو سندن خواهش پوري نه ڪئي.

خاص مددگار چيو ته سياسي پنڊت  ضد ڪري رهيا آهن ته سينيٽ انهن جي خواهش جي موجب هلي، سينيٽ چيئرمين ظل سبحاني جون فرمائشون پوريون ناهن ڪيون، عدليه فوج، رياستي ادارن کان پوءِ سينيٽ تي لشڪر ڪشي ڪئي پئي وڃي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان مسئلن جو شڪار آهي، سياسي ايڊونچر جي قوم برداشت نٿي ٿي سگهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف ن ليگ، پ پ حڪومتن کي تلخ حقيقتون ٻڌايون آهن آءِ ايم ايف بيڊ گورننس جو ذميوار ن ليگ ۽ پ پ کي قرار ڏنو ويو آهي، آءِ ايم ايف چيو ته اڳوڻين حڪومتن جون غلط پاليسيون معاشي بدحالي جو سبب بڻيون.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ادارن ۾ سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي کڻي وڃي رهيا آهيون، ليڊر وقتي طور تي تلخ فيصلا ڪندو آهي پر هو قومون بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر هوندو آهي، ليڊر کي ووٽ بينڪ بدران قوم جي مستقبل جي فڪر هوندي آهي، اسان کي گڏجي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آهي، ادارن ۾ سڌارا ڪرڻا آهن.

You might also like