پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت ڀارتي خبرون ڪوڙيون قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي ماتحت تنظيم ايشيا پئسفڪ گروپ (اي پي جي) طرفان پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس کي هٿ ٺوڪيون ۽ بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته ڀارت جي مختلف خابرو ادارن ۾ نشر ٿيل رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو آهي پر اهڙين خبرن جي ذريعن بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو.

اي پي جي تازو ئي آسٽريليا جي راڄڌاني ڪينبرا ۾ مالياتي ۽ انشورنس جي شعبي ۾ نظام جي بهتري جي سلسلي ۾ پاڪستان جي 5 سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو مڪمل ڪيو.

جنهن کان پوءِ اي پي جي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته تنظيم جي سالياني اجلاس ۽ سالياني ٽيڪنيڪي سهڪار فورم هلندڙ هفتي 18 کان 23 آگسٽ تائين ٿي گذريو.

بيان ۾ اي پي جي پاڪستان، چين، تائي پي، هانگ ڪانگ، فلپائين ۽ سولومن آءِ لينڊ لاءِ 6 گڏيل جائزاتي رپورٽس منظور ڪيون ويون پر ان بيان ۾ ڪٿي به اهو لکيل نه هو ته پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

بيان موجب رپورٽن جو ٻن ڏينهن تائين تجزيو ۽ ان تي بحث ڪيو ويو جنهن کي اڪٽوبر ۾ ڇاپڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر نظر ثاني جي مرحلي مان گذاريو ويندو.

اجلاس ۾ اي پي جي يا ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن لاءِ ڪيتريون ئي فالو اپ رپورٽس به منظور ڪيون ويون ان سان عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي ايندڙ سالن ۾ جاچڻ واري طريقيڪار تي تبديلي جي به رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

ان کان سواءِ اي پي جي ميمبرن دهشتگردي جي مالي سهڪار بابات خدشن جي سد باب لاءِ عالمي حڪمت عملي ۾ سي ايف ٽي آپريشنل پلان به منظور ڪيو.

ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جون خبرون هٿ ٺوڪيون ۽ بي بنياد آهن.

پڌرائي موجب اي پي جي جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي ٽين گڏيل جائزاتي رپورٽ کي منظور ڪيوويو ۽ گڏيل جائزاتي طريقيڪار جي ٽين مرحلي تحت پاڪستان کي اثرائتي ۽ تيز جائزاتي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

اي پي جي جي هاڻوڪي اجلاس کي نظر ۾ رکندي چيو ويو ته اي پي جي اجلاس ۾ اهڙين گھڻين شين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي سهڪار جي روڪ ٿام لاءِ کنيل قدمن ۾ بهتري ٿي سگھي ٿي.

پر اها ڳالهه نظر ۾ رهي ته ان رپورٽ ۾ اهي اثرائتا قدم شامل نه هئا بهتري لاءِ تازو ئي کنيل قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي ڪاميابي سان عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

واضح رهي ته آڪٽوبر تائين پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان خارج ٿيڻ جو فيصلو ٽن مختلف جائزن کان پوءِ ڪيو ويندو جيڪو هن وقت اڳڀرائي جي مرحلي ۾ آهي.

ان ڏس ۾ ٿيل اي پي جي جو هاڻوڪو اجلاس دهشتگردي ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي پورو لهڻ لاءِ پاڪستان جي ڪارڪردگي سان سڌيءَ ريت واسطو نٿي رکي، ان باوجود ان مان ڊليٽ ڪيل رپورٽ گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ اسلام آباد جي پوزيشن تي سڌي ريت اثر انداز ٿيندي.

جنهن کان پوءِ ٿائي لينڊ جي راڄڌاني بينڪاڪ ۾ 5 سيپٽمبر کان گڏيل جائزي جو هڪ دور شروع ٿيندو جيڪو ايف اي ٽي ايفر جي منصوبن ۽ ورڪنگ گروپ جي حوالي سان 13 کان 18 آڪٽوبر تائين پيرس ۾ طئي ٿيل اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ جوڙيل حتمي جائزي جو بنياد هوندو.

You might also like