وفاقي حڪومت جو سنڌو درياهه تي بيراج اڏڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي سنڌ بيراج بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تفصيل موجب  آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جو آبپاشي وارو وزير سهيل انور سيال، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ سنڌ بيراج جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري سمند اڳتي وڌي رهيو آهي.

چيئرمين واپڊا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سمنڊ کان پهرين 45 ڪلو ميٽر تي هڪ بيراج اڏڻ جي تجويز آهي، بيراج جي ٻنهي پاسي شاخون به اڏيون وينديون، هڪ شاخ رائٽ بينڪ کان گهوڙا ٻاري کان گهاري تائين جڏهن ته ٻئي شاخ ليفٽ بينڪ تي سجاول کان گولاڙچي تائين اڏي ويند، ان ڊيم جي اڏاوت ٿيڻ سان 2 کان 3 ايم اي ايف پاڻي علائقي ۾ موجود رهندو، منصوبي تي 2021ع ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، اِها بيراج 12 ميٽر ڊگهي هوندي جنهن ۾ 160 ڪلو ميٽر ٻوڏ جو پاڻ ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي، ان مان نڪرندڙ شاخون نه رڳو زمين آباد ڪنديون پر ان جو ذخيرو ٿيل پاڻي زمين کي به مٺو ڪندو.

بعد ۾ سي ايم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي بيراج کان 45 ڪلو ميٽر پري سنڌو درياهه تي هڪ نئين بيراج اڏينداسين، ان منصوبي جو ڪاٿو 100 کان 125 ارب رپين تائين لڳايو ويو آهي، عمران خان کي ڪريڊٽ نه گهرجي مسئلن جو حل گهرجي، پاڻي جي مسئلي جو حل اڻٽر آهي، اسان ان جي لاءِ پيپلز پارٽي سان گڏجي ڪم ڪنداسين، عمران خان فاصلا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان پيپلز پارٽي جي مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا.

سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا جي ڪوشش تعريف جوڳي آهي، وفاقي جا باقي ادارا به ائين ڪن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

You might also like