ايف بي آر جو سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ وڏو فيصلو…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گڏيل ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايف بي آر چيئرمين چيو آهي ته سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ گڏيل ٽيمون جوڙي رهيا آهيون، جيڪي پهرين سيپٽمبر کان وڏن شهرن جو دورو ڪنديون.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته اهي گڏيل ٽيمون پرڏيهي شين جا درآمدي دستاويز چيڪ ڪنديون، ايف بي آر وڪرو ٿيندڙ پرڏيهي شين جي تصديق لاءِ دستاويز چڪاسي سگهي ٿو، درآمدي دستاويز جي فراهمي نه ٿيڻ تي دڪاندار کي وقت ڏنو ويندو.

You might also like