عوام نئون ٽيڪس ڀرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي…..!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايف بي آر صارفن جي لاءِ استعمال جي خريد ڪئي ويندڙ شين جي ريٽيل قيمت تي ٽيڪس لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، خريد ٿيندڙ شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.

تفصيل موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ ٻيو نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪسٽمز کاتي کي صارفن جي لاءِ استعمال لاءِ خريدي ويندڙ شين تي ريٽيل قيمت تي ٽيڪس لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ريٽيل قيمت جي بنياد تي خريد ٿيندڙ شين تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪ وصول ڪيو وڃي.

حڪومت موجود بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس قانون ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، نئين فهرست ۾ ٿرڊ شيڊول ۾ شامل خريد ٿيندڙ شين کي وڌو ويو آهي، نئين فهرست ۾ کاڌي وارين شين، هو اپلائنس ۽ اليڪٽرونڪ شيون شامل آهن.

ايف بي آر انهن سمورين خريدي ويندڙ شين تي ريٽيل قيمت تي سيلز ٽيڪس هڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اِها شرط مقامي طور تي تيار ٿيندڙ صارفن جي شين ۽ خريد ٿيندڙ آئٽمز ٻنهي تي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نئين قانون موجب ڪسٽم اختياريون صارفن جي شين جي ڪلئيرنس جي وقت ٽيڪس جي وصولي ريٽيل قيمت جي موجب ٿيندي ۽ خريد ٿيندڙ شين تي ريٽيل پرائز هئڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.