ايف بي آر چيئرمين آفيسن ۽ ڪاروباري هنڌن تي ڇاپن کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ڪاروباري هنڌن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ايف بي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪاروباري مرڪزن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ سميت ٽيڪس ڏيندڙن جي لسٽ مان ڪنهن جو نالو معطل ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو نالو ٽيڪس ڏيندڙن جي لسٽ مان معطل ڪرڻو هجي ته ميمبر آپريشن ۽ ايف بي آر چيئرمين کان اجازت وٺڻي پوندي. ڪنهن اداري جي ٽيڪس چوري بابت شاهديون لڪائڻ کان اڳ ميمبر آپريشن ۽ چيئرمين ايف بي آر کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي.0330

You might also like