اپوزيشن جون اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪرڻ جون تياريون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن اسلام آباد لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ 29 آگسٽ تي ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اپوزيشن جماعتن جي اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ ن ليگ، پ پ، عوامي نيشنل پارٽي سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

ن ليگ صدر شهباز شريف چيلهه ۾ تڪليف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي دوري سبب اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.

اي پي سي ۾ ملڪي سياسي صورتحال، ڪشمير جي صورتحال ۽ ڪشمير تي اپوزيشن جماعتن جي گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ ناڪامي کانپوءِ جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.

اجلاس کانپوءِ مولانا فضل الرحمان اپوزيشن اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته ملڪ کي مختلف بحرانن جي ور چاڙهيو ويو آهي، هن وقت پاڪستان جي سلامتي کي خطرو آهي ۽ حڪومت جي هڪ سال ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ ملڪ ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

هن چيو ته معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي، معاشي بدحالي سان روس ٽڪرا ٿي ويو ۽ اسان به اهڙين ئي حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ملڪ ۾ قومي يڪجهتي جي گهٽتائي آهي، ملڪ جو هر طبقو پريشاني ۾ ورتل آهي، ڪالهه تائين اسان سوچي رهيا هئاسين ته سرينگر ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي؟ اڄ سوچي رهيا آهيون ته مظفر آباد کي ڪيئن بچائڻو آهي؟ عمران خان چيو هو مودي کٽيندو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو، موجوده حڪمرانن ڪشمير کپائي ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن ڪشميرين جي پٺ پويان وار ڪيو آهي.

فضل الرحمان الزام هنيو ته اسان عالمي سازش جو شڪار آهيون ۽ اسان جو حڪمران ان جو حصو آهي، جيستائين ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيس ته ڪير ڪشمير کي نه کپائي سگهيو پر منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڪشمير جو سودو ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته اسان اي پي سي ۾ اتفاق ڪيو آهي ته سڀ گڏجي اسلام آباد اينداسين ۽ رهبر ڪميٽي هڪ هفتي ۾ چارٽر آف ڊمانڊ ڏيندي ته جيئن اسلام آباد اچئون ته اسان وٽ گڏيل چارٽر آف ڊمانڊ هجي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته 26 آگسٽ تي رهبر ڪميٽي ۽ 29 آگسٽ تي اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن جي ڪانفرنس ٿيندي، اپوزيشن اڄ کان حڪومت خلاف تحريڪ ڏانهن وڌي رهي آهي، انهن حڪمرانن کي هٽائڻ لاءِ قوم ساٿ ڏئي.

هن چيو ته اسان جي لاڪ ڊائون ۾ عوام ايندو، انهن کي ڪير اٿاري نه سگهندو، اسان جا ماڻهو عياشي لاءِ نه ايندا ۽ هر سختي برداشت ڪندا.

You might also like