نيب ۾ دم ئي ناهي جو… فضل الرحمان وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن نيب جو ڪو نوٽيس مليو ته ان جا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نيب جي حيثيت ڪهڙي آهي جو مون کي نوٽيس موڪليندو، نه مون کي نيب جو ڪو نوٽيس مليو آهي ۽ نه ان جي جرئت آهي جو مون کي نوٽيس موڪلي پر جيڪڏهن ڪو نوٽيس مليو به ته ان جا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.

سندس چوڻ هو ته جهڙا فيصلا احتساب عدالتن مان آيا آهن ڇا انهن کانپوءِ به نيب احتساب ڪندو؟ نيب وٽ سڀ سياسي قيدي آهن، اسان نيب کي تسليم نٿا ڪيون، 20 ورهين کان منهنجي اثاثن جو پتو لڳائي رهيا آهن، اڄ به شوق پورو ڪيو.

هن چيو ته نواز شريف کي ملندڙ سزا ختم ڪئي وڃي، سينيٽ چيئرمين جي معاملي تي اپوزيشن اڪثريت ۾ آهي، جيڪا ان کي هٽائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته حڪومت اقليت ۾ آهي، جنهن کي اهو حق ناهي ته رستو روڪي.

You might also like