فريال ٽالپر جو طبي معائنو مڪمل…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي حراست ۾ موجود پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جو طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو، ميڊيڪل بور کيس ميڊيڪلي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب قومي احتساب بيورو جي حراست ۾ موجود آصف آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جو طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو، ميڊيڪل بورڊ فريال ٽالپر کي ميڊيڪلي فٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

ذريعن موجب فريال ٽالپر جو طبي معائنو ڊاڪٽر امتياز احمد، ڊاڪٽر سويده ڪيو، ڊاڪٽرن سندس شگر ۽ بلڊ پريشر ٽيسٽ ڪيو.

فريال ٽالپر جو بلڊ پريشر 140/80، شگر ليول 160 آهي، طبي معائني جي رپورٽ نيب اختيارين جي حوالي ڪئي وئي آهي.

نيب اختيارين طرفان فريال ٽالپر جي ميڊيڪل رپورٽ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

You might also like