فالودو

شيون: کير 2 ڪوپ

تخم ملنگا 2 کاڌي جا چمچا

گرم پاڻي ۾ بوائل ڪيل رائيس نوڊلز اڌ ڪوپ

ڳاڙهو شربت يا سيرپ 5-4 کاڌي جا چمچا

روز آئيس ڪريم 1 اسڪوپ

روز آئيس ڪريم لاءِ : ڪنڊيسنڊ ملڪ 1 وڏو ٽِن

ايواپورٽينڊ ملڪ 1 وڏو ٽِن

روز گرين  ايسينس 1 چانهن جو چمچو

ڳاڙهو ۽ گلابي کاڌي جو رنگ 4/1 چانهن جو چمچو

ڪريم 2/1-1 ڪوپ

ترڪيب: هڪ ڪوپ ۾ 1 هڪ وڏو ٽِن ڪنڊينسڊ ملڪ ۽ 1 وڏو ٽِن ايواپورٽيڊ ملڪ وجهي ڪري گرم ڪريو. پوءِ 1 چانهن جو چمچو روز گرين ايسنس ۽ 4/1 چانهن جو چمچو ڳاڙهو يا گلابي کاڌي جو رنگ وجهي ڪري مڪس ڪريو ۽ 2/1-1 ڪوپ ڪريم وجهي ڪري فولڊ ڪريو ۽ فريز ڪريو.  چمچي سان مڪس ڪندا رهيو ۽ گهٽ ۾ 3 دفعو ڪندا رهو. هاڻي هڪ گلاس ۾ 3 کاڌي جا چمچا گلاب جو شربت يا سيرپ، کير 2/1 ڪوپ رائيس نوڊلز، 2 کاڌي جا چمچا تخم ملنگا ۽ 1 اسڪوپ آئيس ڪريم وجهي چمچو ۽ اسٽرا وجهو، هڪ اسڪوپ آئيس ڪريم وجهي ڪري چمچو ۽ اسٽرا سان گڏ کائڻ لاءِ پيش ڪريو.

You might also like