پاڻ کي ڳجهي اداري جو آفيسر سڏرائيندڙ فراڊي سوگهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس پاڻ کي نيوي ۽ ڳجهي اداري جو آفيسر ظاهر ڪندڙ فراڊي کي گرفتار ڪندي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 پوليس ذريعن موجب عابد اقبال نالي شخص پاڻ کي نيوي ۽ ڳجهي اداري جو آفيسر ظاهر ڪندو هو، جنهن جي قبضي مان هٿيار، ايمونيشن، نيوي جو وردي ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيو ويون آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ڪوڙي سڃاڻپ ظاهر ڪري شاديون ڪندو هو ۽ متاثر خاندان کان ڳري رقم اڳاڙيندو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس جي قبضي مان هٿ ڪيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار عابد اقبال شروعاتي جاچ ۾ فراڊ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

You might also like