جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ گرفتار فريال ٽالپر کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

نيب گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر کي اسلام آباد ۾ زرداري هائوس ويجهو سندس رهائشگاهه مان گرفتار ڪيو ۽ اڄ کيس رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال ٻه ڏينهن اڳ جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي گرفتاري وارنٽن تي صحيح ڪئي هئي جنهن کان پوءِ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.

نيب فريال ٽالپر کي پنهنجي آفيس منتقل ناهي ڪيو ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي قائم سندس رهائشگاهه ۾ رکيو ويو آهي جنهن کي نيب سب جيل قرار ڏنو آهي.

You might also like