جعلي اڪائونٽس ڪيس: اڳوڻي ڊي جي پارڪس جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي (ڊي جي) پارڪس لياقت قائم خاني کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج جي رخصت سبب جوابدار لياقت قائم خاني کي نيب ٽيم راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج پرويز اسماعيل جوئيه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ان دوران عدالتي ڪمري ۾ موجود صحافين کي ٻاهر موڪليو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: اڳوڻي ڊي جي پارڪس ڪراچي لياقت قائمخاني ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا…..!

ٻڌڻي دوران نيب جوابدار لياقت قائم خاني جي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي.

نيب جي درخواست تي عدالت ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار جو طبي معائنو ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جوابدار کي 23 سيپٽمبر تي ايندڙ ٻڌڻي تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

واضح رهي ته نيب ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ قائم ابن قاسم باغ  جي پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۾ اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت علي خان کي گرفتار ڪيو هو.

نيب ٽيم ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت علي خان کي گرفتار ڪيو هو.

نيب ذريعن موجب جعلي اڪائوٽس ڪيس ۾ ابن قاسم باغ جي زمين مان غير قانوني پلاٽ الاٽ ڪرڻ بابت به جاچ هلندڙ هئي، گرفتار جوابدار لياقت علي خان تي پارڪن جا ڪوڙا ٺيڪا به ڏيڻ جو الزام آهي.

هن پ پ جي اڳوڻي دور ۾ پارڪن جا جعلي ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏئي اربين رپيا ڪمايا،  جوابدارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کان اربين رپين جي ڪرپشن جي جاڇ ڪئي پئي وڃي، جڏهن عدالت مان سندس جسماني رمانڊ به حاصل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.