سي ايس ايس ۾ ناڪاميءَ جو سبب سنڌ ۾ غير معياري تعليم

زاھد حسين ٻٻر

سي ايس ايس پاڪستان جو ھڪ وڏو چٽاڀيٽيَ وارو امتحان آهي، جيڪو ھر سال ٿيندو رھي ٿو، پاڪستان جي ھزارين نوجوانن جو تعليمي مقابلو ھڪ ڪميشن امتحان جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو، ھن امتحان ۾ چئني صوبن جا اميدوار حصو وٺندا آھن.

جيڪي نوجوان پنهنجو وقت سچائي ۽ ايمانداري  سان تياري ڪن ٿا، جيڪو به اميدوار لکت جو امتحان پاس ڪندو آھي ته اڳيان مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، مثلاََ  لکت کان پوءِ سائيڪلاجي ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ آخر ۾ انٽرويو ۾ گھرايو ويندو آھي.

 

جڏهن ته ڳالهه ڪجي ته سنڌ جا نوجوان جيڪي ھر سال ھن امتحان جو حصو رھن ٿا پر تعليم جو معيار گھٽ آهي، شايد اسان وٽ سي ايس ايس جي واقفيت ناھي سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي کان پوءِ سنڌ جو اھڙو ٻيو ڪو ضلعو موجود ناھي، جتي تعليمي سرگرميون، سيمينار، ورڪشاپ يا ٻي ڪا مشغولي معمول ھجي.

ائين به ناهي ته سنڌ جو نوجوان امتحان پاس نٿو ڪري، سنڌ جا الائي ڪيترا بيوروڪريٽ آهن، جن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پنهنجو مستقبل سنواريو آهي.

ڪاش! سنڌ جي وڏن شھرن وانگي ٻين ضلعن ۾ به سجاڳي اچي وڃي ۽ جذبو رھي ته سنڌ مان سٺا آفيسر بڻجي عوام جي خدمت سان گڏوگڏ حڪومت جي انتظامن ۾ بھتري آڻي سگھن ٿا.