ڳجهن چاهيندڙن لاءِ فيسبڪ جو نئون فيچر

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا ايپ فيس بڪ “لو گرو” جو ڪم به ڪندو، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ڳجهي نموني پسند ڪندا آهيو ته سيڪرٽ ڪرش نالي فيچر جي مدد وٺي سگھو ٿا.

فيس بڪ جلد ئي “سيڪرٽ ڪرش” يعني ڳجهي پسند نالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي جنهن ذريعي واهپيدار فيس بڪ تي پنهنجي دل جو حال ٻڌائي سگھندا ته هو ڪنهن کي پسند ڪندا آهن. اهو نئون فيچر فيس بڪ ڊيٽنگ جو حصو آهي جنهن ڪري ڪجهه ملڪن ۾ موجود واهپيدار پنهنجي انهن دوستن کي جنهن کي پسندا ڪندا آهن، ٽيگ ڪري سگھو ٿا.

جيڪڏهن ٽيگ ڪيل ٻئي واهپيدار به توهان بابت اهڙن ئي خيالن جو اظهار ڪيو يعني جواب ۾ توهان کي ٽيگ ڪري ڇڏيو ته ٻنهي کي فيس بڪ طرفان هڪ ٻئي سان گڏ ميچ ٿيڻ جو پيغام موصول ٿيندو.

فيس بڪ ڊيٽنگ ايپ گذريل سال لانچ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اهو نئون فيچر هاڻي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب اهو فيچر  واهپيدار کي پنهنجي ئي دوستن ۾ لائف پارٽنر ڳولهڻ ۾ مددگار متعارف ڪرايو پيو وڃي.

اهو آپشن ترت فلپائن، ويتنام  ۽ سنگاپور سميت 14 ملڪن ۾ موجود هوندو هن وقت اهو نئون فيچر يورپ ۽ آمريڪا ۾به موجود ناهي.

You might also like