مارڪ زڪربرگ فيسبڪ ۾ نيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) فيسبڪ  جي باني مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته هو انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ سميت فرم جي پورٽ فوليو ۾ شامل سوشل پليٽ فارمز ۾ ڪيئي تبديليون آڻي رهيو آهي.

سوشل ميڊيا ايپس جي نئين ڊيزائن ۽ خاصيتون ڪمپني تي واهپيدارن جي ڊيٽا جي حفاظت جي سلسلي ۾ وڏي پئماني ٿيندڙ تنقيد جو نتيجو آهي.

زڪربرگ چوي ٿو ته سندس ڪمپني واهپيدارن جي پرائيوسي کي پهرين ترجيح ڏيندي.

هن اها ڳالهه مڃي ته هاڻ واهپيدارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هڪ تقريب دوران مارڪ زڪربرگ جو چوڻ هو ته ڪمپني جي پرائيوسي تي توجهه ڏيڻ ڪمپني هلائڻ جي طريقي ۾ وڏي تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو.

* ميسنجر تي موڪليا ويندڙ پيغام هاڻ پهريان کان اينڊ ٽو اينڊ اِنڪريپٽڊ هوندا مطلب ته فيسبڪ هاڻ ٻن ماڻهن يا گروپن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي ڏيکاري نه سگهندو ۽ پليٽ فارم واٽس ايپ سان مڪمل طور تي ضم هوندو.

* انسٽاگرام تجرباتي طور تي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو  آهي جنهن ۾ ڪنهن به تصوير تي لائيڪ جو انگ ٻيا ماڻهو ته نه ڏسي سگهندا پر اڪائونٽ جو مالڪ اهو ڏسي سگهندو.

* هاڻ پيغامن ۾ مواد شيئر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ عارضي طريقا هوندا. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي پيغام مستقل بنيادن تي ريڪارڊ جو حصو نه بڻجندا.

* ڀارت ۾ واٽس ايپ تي ادائيگي واري محفوظ سسٽم کي هلندڙ سال ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

* انسٽاگرام تي نئين ” ڪريئيٽ“ فيچر جي مدد سان هاڻ پوسٽن ۾ فوٽو يا ويڊيوز وجهڻ غير ضروري هوندو.  واهپيدار هاڻ صرف ٽيڪسٽ يا اسٽيڪر شيئر ڪري سگهندا.

تازي پرائيوسي سيڪنڊل بابت زڪربرگ چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته ان حوالي سان ڪمپني جي پوزيشن مضبوط ناهي.  پر هن چيو ته فيسبڪ سڄي ڪمپني جي انفراسٽڪچر ۾ پرائيويسي کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اهو سڀ ڪجهه ايترو جلد نٿو ٿي سگهي ۽ هن وقت مون وٽ انهن سڀني سوالن جا جواب ناهن.

ڪمپني گذريل پنجن سالن ۾ ڊيزائن جي حوالي سان اها سڀ کان وڏي تبديلي آهي. اها تبديلي گروپن، ذاتي ڳالهه ٻولهه  ۽ اِنڪريپٽڊ پيغامن تي زور ڏئي رهي آهي جنهن تائين پهچ حاصل ڪرڻ خود فيسبڪ لاءِ به ناممڪن هوندو.

وڏي خبر اها آهي ته فيسبڪ هاڻ نيرو نه رهندو ۽ زڪربرگ فيسبڪ کي آءِ ميسيجز جهڙو ٺاهڻ بابت سوچ ويچار ڪري رهيو آهي.

سيڪرٽ ڪرش

فيسبڪ هاڻ ”سيڪرٽ ڪرش“ جو ڪم به ڏيندو، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ڳجهي نموني پسند ڪندا آهيو ته سيڪرٽ ڪرش نالي فيچر جي مدد وٺي سگھو ٿا.

فيس بڪ جلد ئي “سيڪرٽ ڪرش” يعني ڳجهي پسند نالي هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي جنهن ذريعي واهپيدار فيس بڪ تي پنهنجي دل جو حال ٻڌائي سگھندا ته هو ڪنهن کي پسند ڪندا آهن. اهو نئون فيچر فيس بڪ ڊيٽنگ جو حصو آهي جنهن ڪري ڪجهه ملڪن ۾ موجود واهپيدار پنهنجي انهن دوستن کي جنهن کي پسندا ڪندا آهن، ٽيگ ڪري سگھو ٿا.

جيڪڏهن ٽيگ ڪيل ٻئي واهپيدار به توهان بابت اهڙن ئي خيالن جو اظهار ڪيو يعني جواب ۾ توهان کي ٽيگ ڪري ڇڏيو ته ٻنهي کي فيس بڪ طرفان هڪ ٻئي سان گڏ ميچ ٿيڻ جو پيغام موصول ٿيندو.

فيس بڪ ڊيٽنگ ايپ گذريل سال لانچ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اهو نئون فيچر هاڻي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪمپني موجب اهو فيچر  واهپيدار کي پنهنجي ئي دوستن ۾ لائف پارٽنر ڳولهڻ ۾ مددگار متعارف ڪرايو پيو وڃي.

اهو آپشن ترت فلپائن، ويتنام  ۽ سنگاپور سميت 14 ملڪن ۾ موجود هوندو هن وقت اهو نئون فيچر يورپ ۽ آمريڪا ۾به موجود ناهي.

 

ورچوئل ريئليٽي

ڪمپني پنهنجي نئين وائرليس ورچوئل ريليٽي هيڊ سيٽ ” اوڪيولس ڪوئيسٽ “ کي 21 هين مئي تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن هيڊ سيٽ کي بان پي سي، سمارٽ فون يا گيم ڪنسول جي استعمال ڪري سگهبو.

ان موقعي تي مارڪ زڪربرگ اعلان ڪيو آهي ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ هر شخص کي اهو هيڊ سيٽ مفت ڏنو ويندو

You might also like