فيسبڪ 3 ارب جعلي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب ڇهن مهينن دوران پهريون ڀيرو 3 ارب جعلي ڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فيسبڪ پنهنجي هڪ رپورٽ مطابق آڪٽوبر 2018 کان مارچ 2019ع دوران مختلف اڪائونٽ ۽ پوسٽن خلاف ڪيل ڪارروائي جا تفصيل شامل آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڇهن مهينن دوران 70 لک کان وڌيڪ چڙڏياريندڙ پوسٽون هٽايو ويون آهن، جڏهن ته ڇهن مهينن دوران هٿيارن وڪرو ڪرڻ وارين 10 پوسٽن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ان عرصي دوران فيسبڪ تان چڙ ڏياريندڙ پوسٽون هٽائڻ لاءِ 10 لک درخواستون مليون ٿيون، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک 50 هزار پوسٽن کي نظر ثاني کان پوءِ ٻيهر بحال ڪيو ويو .

فيسبڪ رپورٽ ۾ واهپيدارن ۾ ذميواري پيدا ڪرڻ ۽ سندن احتساب جي پاسن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي.

You might also like