چهري تان اضافي وار ختم ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورتون پاڻ کي خوبصورت رکڻ لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪنديون آهن پر جڏهن چهري تي اضافي وار اچي وڃن ته انهن جي خوبصورتي متاثر ٿي ويندي آهي، تنهن ڪري اسان چهري تي اضافي وارن کان پريشان عورتن کي ڪجهه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن تي عمل ڪري اهي به پنهنجي چهري تان اضافي وار ختم ڪري سگهن ٿيون.

1: بيسڻ کي پاڻي ۾ ڳوهي چهري تي لڳائي ڇڏيو، جڏهن بيسڻ هلڪو خشڪ ٿي وڃي ته ان کي ننهن جي مدد سان رهڙي لاهي ڇڏيو. ان سان توهان جي چهري تان اضافي وار پاڙ کان پَٽجي ويندا.

2: پاڻي ۾ لوڻ وجهي خشڪ ڪپڙي سان ان کي پنهنجي چهري تي لڳايو. تقريبن هڪ هفتو پابندي سان اهو عمل ورجايو ته توهان جي چهري ته اضافي وار ختم ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.