”الطاف حسين خلاف تفصيلي ۽  اعتبار جوڳا ثبوت آهن، سنگين الزامن تي سزا ٿي سگهي ٿي“

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا ۾ پاڪستان جي وڪيل ٽوبي ڪيڊمين چيو آهي ته الطاف حسين خلاف ثبوت  تفصيلي ۽ اعتبار جوڳا آهن جنهن جي نتيجي ۾ گهڻائي سنگين الزام سامهون اچي سگهن ٿا ۽ انهن سنگين الزامن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم باني کي قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

برطانيا ۾ پاڪستان جي وڪيل ٽوبي ڪيڊمين لنڊن ۾ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم باني جي گرفتاري بابت چيو ته الطاف حسين بابت هڪ وڏو اهم قدم آهي، اسان کي خبر هئي ته الطاف حسين کان چر ڏياريندڙ تقرير واري معاملي تي ميٽروپوليٽن جاچ ڪندي.

هن چيو ته فيصلو ڪيو ويندو ته ايم ڪيو ايم باني کي ڪهڙن الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو، اميد آهي ته ان تي تمام جلد اڳڀرائي ٿيندي، عام طور تي اهڙو فيصلو گرفتاري جي 24 ڪلاڪن اندر ڪيو ويندو آهي، اميد ڪيون ٿا ته ايم ڪيو ايم باني کي مجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ پيشي کان پوءِ ڪارروائي جي شروعات ٿيندي.

پاڪستان جي وڪيل جو چوڻ هو ته مون پاڪستاني اختيارين خاص طور ايف آءِ اي وٽ موجود ثبوتن جو جائزو ورتو آهي، ايف آءِ اي اهي ثبوت لنڊن جي ميٽرو پوليٽن پوليس کي فراهم ڪيا آهن، ثبوت ڏسڻ کان پوءِ چئي سگهان ٿو ته هي ڏاڍو زبردست ڪيس آهي، منهنجي خيال ۾ الطاف حسين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪافي ثبوت آهن، اهو ڪرائيم پراسيڪيوشن سروس جو معاملو آهي جيڪا لنڊن پوليس سان مشاورت ڪندي.

ڪيڊمين وڌيڪ چيو ته الطاف حسين خلاف ثبوت تفصيلي ۽ اعتبار جوڳا آهن، مضبوط ثبوتن جي نتيجي ۾ گهڻائي سنگين الزام سامهون اچي سگهن ٿا، ان سنگين الزامن جي نتيجي ۾ الطاف حسين کي قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته الطاف حسين جي ڏوهن جو ڪجهه حصو برطانيا جي سرزمين تي ٿيو آهي، مٿس الزام آهي ته چر ڏياريندڙ تقرير برطانيا ۾ ۽ تشدد جا واقعا پاڪستان ۾ ٿيا، الطاف حسين خلاف ڪيس ٻن رياستن ۾ اچي ٿو، ڪيس ۾ ثبوت برطانيا جي سرزمين تي به آهن،  ميٽرو پوليس ثبوت پاڪستان کان به حاصل ڪيا آهن، ان ڪيس ۾ اٽارني جنرل جي اجازت وٺي سگهجي ٿي.

پاڪستان جي وڪيل ٻڌايو ته الطاف حسين تي الزام لاڳو ڪرڻ جا امڪان وڌيڪ آهن، کيس قيد ۾ رکي يا ضمانت تي آزاد ڪري سگهجي ٿو، بهرحال ايم ڪيو ايم باني کي مجسٽريٽ جي آڏو پيش ۽ ٽرائل کي منهن ڏيڻو پوندو، ان سڄي عمل ۾ ڏينهن، هفتا يا مهينا به لڳي سگهن ٿا، لنڊن  پوليس يا ڪرائيم پراسيڪيوشن سروس سمجهي ته ثبوت مضبوط ناهن ته پوءِ ٻيا به رستا آهن، پاڪستان حڪومت چاهي ته ان فيصلي تي عدالتي نظرثاني لاءِ چئلينج ڪري سگهي ٿي، جوڊيشل ريويو لاءِ معاملو چئلينج ڪرڻ مشڪل هوندو پر پاڪستان حڪومت لاءِ اهو رستو کليل آهي، ايم ڪيو ايم باني خلاف ڪيس ۾ پرائيوٽ پراسيڪيوشن جو به رستو آهي.

سندس چوڻ آهي ته اسان چاهينداسين ته برطانوي اختياريون ڪرائيم پراسيڪيوشن  سروس ذريعي ايم ڪيو ايم باني خلاف ڪيس هلائن، الطاف حسين خلاف شاهد ثبوت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

الطاف حسين کي وڌيڪ قيد ۾ رکڻ جي درخواست

ٻئي پاسي لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم باني کي وڌيڪ ٻارنهن ڪلاڪ قيد ۾ رکڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، الطاف حسين جي 24 ڪلاڪن لاءِ قيد جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ کيس وڌيڪ قيد ۾ رکيو ويندو جنهن لاءِ درخواست سائوٿ ورڪ پوليس اسٽيشن جي سپرنٽنڊنٽ ڏني آهي.

You might also like