"سنڌ جو تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن”

شاھ محمدلغاري

گورک جي ٽڪري سياحتي ماڳ طور ملڪ ۾ مشهور آهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ  سميت دنيا جي مختلف علائقن مان هر رنگ ، نسل ۽  مذهب سان تعلق رکندڙ  ماڻهو گورک هل اسٽيشن تفريح لاءِ  گهمڻ ايندا آهن.

تفريحي ماڳ جي حيثيت رکندڙ گورک هل اسٽيشن جتي هر روز ايندڙ سياحن جو هڪ وڏو تعداد شهري سوٽ بوٽ پهريل نوجوانن جو آهي جيڪي هر روز ڪافلن جي صورت ۾ پهچن ٿا گورک جي پُرڪيف فضا ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمن ٿا سيلفيون ٺاهيندي نظر اچن ٿا موسيقي تي رقص ڪن ٿا.

گورک سهڻو سائو ۽ خوبصورت علائقو آهي جتي جُون جولاءِ جهڙي سخت گرميءَ جي مهينن ۾ به 22 کان 20  سينٽي گريڊ موسم رهي ٿي هتان جا خوبصورت نظارا من موهيندڙ موسم دلفريب منظر اداس ۽ مرجهايل چهرن کي هڪدم خوشين ۾ آڻي ڇڏين ٿا بلوچستان جي گاديءَ وارو شهر ڪوئيٽا سمنڊ جي سطح کان 5400 ۽ ملڪ جو اهم سمجهو ويندڙ تفريحي ماڳ ڪوهه مريءَ جي بلندي 7000 فوٽ آهي.

ڪوهه مري

 

دنيا جو سڀ کان مٿانهون شهر ڏکڻ آفريڪا ۾ آهي، جنهن جي اوچائي سطح سمنڊ کان 3631 فوٽ بلنديءَ تي واقع آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سڀ کان مٿانهون شهر گورک سنڌ ۾ شمار ڪيو ويو آهي جنهن جي سطح سمنڊ کان 5889 فوٽ بلند ترين هنڌ آهي جنهن کي بُلنديءَ سبب عالمي اعزاز پڻ آهي پر افسوس اهڙي ماحول ۾ رهائش ،کاڌ خوراڪ صفائي سٿرائي صحت تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محرومي هر مسئلي ۾ گورک هل اسٽيشن سياسي ڪميشن ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي.

گورک چوٽي تي رهندڙ ڪلوئي بوزدار بروهي لنڊ لغاري توڙي ٻي قبيلي جا تعليم جهڙي زيور کان محروم ڪمزور ۽ انگ اگهاڙا ٻارڙا  پاڻ کي  پنهنجي ئي علائقي ۾ اجنبي محسوس ڪن ٿا سندن جا ٻار تعليم پرائڻ بجاءِ اڄ به ٻڪريون چارڻ تي مجبور آهن جيڪا نهايت ئي افسوس جوڳي ڳالھه آهي اختيارين جي اهڙي ستم ظريفي تي جيترو ماتم ڪجي سا گهٽ آهي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺھندڙ تعميراتي ڪمن ۽ گورک تي ايندڙ سياحن جي مقابلي ۾ سندن جي حالت انتهائي بدتر آهي کين رهائش لاءِ ڪي سٺا گهر موجود  نه آھن نه ڪا اسپتال آهي نه اسڪول آهي روڊ هنڌان هنڌان اکڙيل هوئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن.

گورک چوٽي تي هلندڙ ريسٽورنٽ دڪان تي کاڌي پيتي جو سامان يا ٻيو ضرورت جو سامان ٻيڻ تي مهانگو ڏنو وڃي ٿو جنهن سبب اتان جا رهائشي وڏو پنڌ ڪري واهي پانڌي قصبو شهر مان مهيني جو راشن وٺي وڃن ٿا پيئڻ جو پاڻي ليٽرن جي حساب سان وڪرو ڪيو وڃي ٿو 10 رپي واري بسڪٽ جي فاري 30 رپيا مرغي 1500 رپيا ڪلو فروخت ڪري عوام کي ڦريو وڃي ٿو ان ڪري ڪيترا ئي ماڻهون گهمڻ لاءِ ويندڙ گهران سامان کڻي وڃڻ تي مجبور آهن ڪروڙن رپين جي بجيٽ هوندي به گورک ويندڙ روڊ جي سهولت ناهي گورک ويندڙ روڊ تي روز حادثن سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون آهن واهي پانڌي کان ويندي گورک تائين پوليس جي هڪ به پيڪٽ ناهي جنهن سبب ڦر ٿيل موٽرسائڪلون انهي رستي سان بلوچستان اسمگلنگ ڪيون وڃن ٿيو ايراني تيل منشيات اسمگلنگ ڪئي وڃي ٿي گورک جي سڪيورٽي لاءِ تيار ڪيل واهي پانڌي کان گورک تائين تيار ٿيل 8 پوليس پڪٽ طور بنگلا سڃاتا وڃن ٿا پر افسوس اهي بنگلا تيار ٿيڻ بعد خبر ناهي ڪنهن جي ڪوتائي سبب هڪ ڏينهن به استعمال بجائي ڪنڊرات ۾ تبديل ٿيل آهن انهن بنگلن مان در دريون سميت بجلي جو سمورو سامان چوري ٿي ويو آهي  پر ٺهڻ بعد اڄ ڏينهن تائين هنن جي مالڪي نه ٿي آهي ڪجهه بنگلن تي ته ٺيڪيدارن به قبضو ڪري ورتا آهن پر ايس پي دادو سميت گورک اٿارٽي به ڪنهن به قسم جي نه مالڪي ڪئي آهي نه ئي چوري ٿي ويل سامان جي ڪا ايف اي آر داخل ڪرائي وئي آهي گورک هل اسٽيشن جي ترقي تي سياست ڪندڙ ڪامورا پنهنجي دور حڪومتن ۾ بجيٽون اڌ خرچ گورک تي ڪيون اڌ پاڻ تي جڏهن لياقت جتوئي بجلي پاڻي جو وزير هيو ته 10 سال دادو تي جتوئي ۽ پورو خاندان دادو تي قابض هيو 10 سال اقتدار ۾ رهيو لياقت جتوئي ڀاء توڙي پٽ به وزير ايم پي اي ضلعي ناظم هيا مشرف دور ۾ انهن کي دادو ضلعي لاءِ ٺيڪ ٺاڪ سٺي بجيٽ ملندي هئي پر انهن گورک تي ٽڪي جو به خرچ نه ڪيو جتوئي خاندان پنهنجو پيٽ ڀريو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پراپٽيون ورتيون ان کان بعد پ پ جي حڪومت آئي جيڪا سنڌ ۽ وفاق تي هئي جنهن گورک لاءِ ڪروڙين نه بلڪ اربين رپيا ڏنا پر دادو جا سياستدان ڪامورا آفيسر اجينيئر انهن  پيسن مان اڌ خرچ ڪيو باقي پاڻ تي خرچ ڪري وڏي ڪرپشن ڪئي.

جنهن سبب گورک هل اسٽيشن ترقي کان محروم ٿي ويو تفريحي لاءِ  ايندڙ ماڻهون روڊن جي حالت ڏسي ڪيترائي  واپس هليا وڃن ٿا ته ڪيترائي ماڻهون موٽرسائڪلن تي وڏين گاڏين گهمڻ لاءِ وڃن ٿا پر واپسي تي ڪيترائي ماڻهون حادثي جو شڪار ٿي وڃن ٿا  اسان جي سنڌ حڪومت کي اپيل آهي ته گورک هل اسٽيشن تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن کي روڪڻ لاء گورک هل اسٽيشن کي رياض ملڪ ٺيڪي تي ڏنو وڃي يا ٻي ڪنهن پرائيوٽ ڪمپني اداري کي ليز تي ڏنو وڃي جئين اتي اسپتالن اسڪولن جهڙيون سهولتون مهيا ڪري هو پنهنجي پيسن مان گورک تي خرچ ڪري گورک کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو وڃي.

You might also like