اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جو چيئرمين ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جمالي کي ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

 نيب خورشيد جمالي سميت خانگي ڪمپني سان واسطو رکندڙ 3 ڄڻن کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو

نيب موجب ٽنهي ڄڻن مٿان سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني بابت جاچ ۾ ڪرپشن جا الزام آهن.

واضح رهي اڄ صبح ڪارروائي ڪندي نيب سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جمالي ۽ ٻين کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو هو.

نيب طرفان جاري ڪيل پريس ريليز موجب ٽنهي ڄڻن تي سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊس پيچ ڪمپني بابت جاچ ۾ باقاعدگين جا الزام آهن.

ذريعن موجب خورشيد جمالي جا گرفتاري وارنٽ ٻه ڏينهن اڳ جاري ٿيا هئا سندس نالو ڪراچي کان ٻه سئو ڪلوميٽرن پري سپر هاءِ وي تي نوري آباد پاور پلانٽ جي ڊس پيچ اينڊ ٽرانسميشن لائين بابت معاملي تي نيب جي جاچ ۾ شامل هو.

جعلي ڪائونٽن واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي نتيجي ۾ خورشيد جمالي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو هو.

You might also like