آءِ سي سي انگلش بيٽسمين جيسن راءِ کي نه بخشيو

ايجبيسٽن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2019ع جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلش بيٽسمين جيسن راءِ تي امپائر سان جهيڙو ڪرڻ تي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو .

آسٽريليا خلاف ميچ ۾ بيٽنگ ڪندي انگلش بيٽسمين جڏهن 85 رنسن تي پهتو ته پيٽ ڪيومنس جي بال تي سريلنڪن امپائر ڪمارا ڌرماسينا طرفان آئوٽ قرار ڏيڻ تي جيسن راءِ امپائر سان ڏند چڪ ڏنا.

آءِ سي سي ظابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.8 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب انگلش بيٽسمين تي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب جيسن راءِ پنهنجي غلطي مڃي ورتي آهي جنهن کانپوءِ ان معاملي ۾ وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت ناهي.

راءِ جي غلطي مڃڻ کانپوءِ مٿس ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو ۽ هو پابندي کان بچي ويو آهي، انکانسواءِ ظابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جيسن راءِ  جي ريڪارڊ ۾ ٻن ڊي ميرٽ پوائنٽن کي به شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ عالمي ڪپ ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي تي به آءِ سي سي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڏنڊ هنيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.