انگلينڊ جو  ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو

برسٽول ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ٽئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي.

پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ اڄ برسٽول ۾ کيڏي پئي وڃي.

ٽئين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم جيسن رائي، جوني بيئرسٽو ، جوئي روٽ، بين اسٽوڪس، معين علي، ڪپتان آئن مورگن، جوڊينلي، ڪرس واڪس، ڊيوڊ ويلي، ٽوم ڪرن ۽ ليام پلنڪٽ تي ٻڌل آهي.

اڄوڪي ميچ لاءِ پاڪستان فائينل  اليون ۾ فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، حارث سهيل، ڪپتان سرفراز احمد، آصف علي، عماد وسيم، فهيم اشرف، حسن علي، جنيد خان ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.

You might also like