انگلينڊ ڪيويز کي هارائي پاڪستان لاءِ ڏکيائيون وڌائي ڇڏيون

چيسٽرلي اسٽريٽ (م ڊ) انگلينڊ نيوزيلينڊ کي 119 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، چيسٽرلي اسٽريٽ جي ميدان ۾ سيمي فائنل جي جنگ وڙهي وئي، انگلينڊ نيوزيلينڊ کي هارائي سيمي فائنل ۾جاءِ ٺاهي ورتي،آسٽريليا ۽ ڀارت جون ٽيمون پهريان ئي سيمي فائينل ۾ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن. انگيلنڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 306 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ ڪيوي ٽيم 45 اوورن ۾ 186 رنسون ٺاهي سگهي، نيوزيلينڊ جي اوپنرن هينري نڪولز ۽ مارٽن گيٽل صرف 14 رنسن تي پويلين واپس هليا ويا. گٽل 8 رنسون ٺاهيون ۽ هينري نڪولز بغير کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان ڪين ولينسن ۽ راسن ٽيلر معمولي مزاحمت ڏيکاري پر انگلش بالرن خلاف تيزي سان رنسون نه ٺاهي سگهيو، وليم سن 40 بالن تي 27 جي اسڪور تي رن آئوٽ جڏهن ته راسن ٽيلر 28 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو نيشام 19 ۽ گرينڊ هوم 3 رنسون ٺاهي سگهيو. ٽام ليٿم انگلش بالرن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 57 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، ايشن نيوزيلينڊ جي ٽيم 45 اوورن ۾ 186 رنسن تي ڍير ٿي وئي، انگلينڊ طرفان ووڪس، آرچر، پلنڪيٽ، ووڊ ۽ اسٽوڪس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي رسائي لاءِ بنگلاديش کي 400 رنسن جي جواب ۾ 86  تي ڍير ڪرڻ لازمي

چيسٽرلي اسٽريٽ ( اسپورٽس نيوز) بنگلاديش خلاف رانديگرن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي بنگلاديش خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي 400 رنسون ٺاهڻ جي صورت ۾ 84 رنسن تي ڍير ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن  پاڪستان 350 رنسون ٺاهيون ته بنگلاديش کي 311 رنسن جي فرق تان هارائڻو پوندو.  بنگلاديش جيڪڏهن پهرين بيٽنگ ڪئي ته پاڪستان لاءِ سيمي فائنل جا در بند ٿي ويندا.  ڪيويز جي ناڪامي تي پاڪستاني ڪئمپ ۾ مايوسي وڌي وئي آهي. 03

You might also like