رمضان مهيني ۾ شگر جي مريضن لاءِ احتياتي تدبيرون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان مهيني جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ هر ماڻهو جي خواهش هوندي آهي ته هو روزن ۽ عبادت ذريعي هن مهيني جي فضيلت جي برڪتن مان فائدو وٺي سگھي.

پر هن مهيني ۾ شوگر جي موذي مرض جو شڪار ماڻهو گھڻي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ڇو جو روزو رکڻ جي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي طبيعت به خراب ٿي ويندي آهي.

ماهر هن مهيني ۾ شوگر جي مريصن لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون تجويز ڪندا آهن جن کي اپنائي هو به ان مقدس مهيني جون برڪتون حاصل ڪري سگھن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته شگر جا مريض رمضان اچڻ کان اڳ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح مشورو ڪن ته جيئن ڊاڪٽر پنهنجي مريض جي بيماري کي نظر ۾ رکندي ان کي درست رهنمائي فراهم ڪري سگھي.

طب جي ماهرن ۽ جرنل آف ڊايا بيٽلوجي جي نگران پروفيسر عبدالباسط جو چوڻ آهي ته شگر جا مريض پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ وجهڻ کان پرهيز ڪندي روزو رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو پنهنجي ڊاڪٽر جي هدايتن موجب ڪن. هن پيچيدگين کان بچڻ لاءِ هر مريض جي ذاتي علامتن موجب انفرادي منصوبابندي ۽ خيال رکڻ تي زور ڏنو آهي.

رمضان ۾ ڪهڙي خوراڪ کائڻ گھرجي؟

ماهرن موجب برڪتن جي هن مهيني ۾ روزيدار گھڻو ڪري لاپرواهي جو مظاهرو ڪندا آهن ۽ صحت لاءِ نقصانڪار کاڌا مثال تريل شيون، ڪاربوهائيڊريٽس، سڻڀ سان ڀرپور پڪوانن ۽ مٺن شربتن جو گھڻو استعمال ڪندا آهن.

اها لاپرواهي شگر جي مريضن لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ٿيندي آهي. ان کان علاوه شگر جو شڪار ماڻهو روزي دار افطار کان پوءِ وقفي وقفي سان کائڻ بدران هڪ ئي وقت گھڻو کائيندا آهن. ان عمل سان رت ۾ گلوڪوز کي ڪنٽرول آڻڻ ۾ ناڪامي ٿي ويندي آهي ۽ شگر جي ليول خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي آهي.

 ماهرن مشورو ڏنو آهي ته رمضان دوران خوراڪ ۾ تازا ميوا، ڀاڄيون ۽ ڏهي جو استعمال ڪيو وڃي جڏهن ته افطار ۾ رڳو 2 کارڪون کاڌيون وڃن.

شگر جون دوائون:

رمضان کان اڳ ڊاڪٽرن سان دوائن بابت صلاح مشورو ڪرڻ ضروري آهي. رمضان دوران دوا جو وقت سحري ۽ افطاي ڪيو ويندو آهي جيڪو ڊاڪٽر مريض جي حالت موجب ڪندو آهي. طب جي ماهر محمد يعقوب موجب “مريضن کي پنهنجي ڊاڪٽرن کان دوائن جو مقدار ۽ وقت جي ڪمي پيشي، کائڻ ۽ شربتن جي استعمال، جسماني سرگرمين، رت ۾ گلوڪوز جي پاڻ مرادو نگراني بابت پڇڻ گھرجي. مريض کي خبر هئڻ گھرجي ته هن کي شگر جي مقدار ۾ ڪيتري گھٽتائي يا واڌ تي روزو ٽوڙڻ گھرجي ته جيئن ان کي جان جو نه ٿئي.

شگر جي مريضن لاءِ هدايت نامو:

ڊايابٽيز اينڊ رمضان انٽرنيشنل الائنس طرفان جاري ڪيل رهنمائي عالمي هدايت نامي ۾ شگر جي مريضن کي هيٺين هدايتن تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي . رمضان کان اڳ بلڊ پريشر، شگر ۽ رت ۾ ڪولسٽرول جي ليول ڄاڻيو ۽ سڀئي رپورٽون پنهنجي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو.

اهڙا ماڻهو روزو رکڻ کان پاسو ڪن؛

جيڪڏهن ڪنهن شخص جي شگر ڪنٽرول ۾ ناهي رهندي. جيڪڏهن 3 مهينن دوران کي ڪنهن شوگر گھڻي گھٽ يا وڌيڪ رهي هجي. ڳورهاري عورتون جيڪي شگر جون مريض هجن. اهي ماڻهو جن جا گڙدا، اکيون يا عضوا شگر سبب سخت متاثر ٿي چڪا هجن. اهڙا ماڻهو جيڪي بيمار رهيا هجن. گڙدن جي ڊائلاسس ڪرائيندڙ مريض. شروعاتي شگر جا مريض ڊاڪٽر جي مشور سان روزو رکي سگھن ٿا. ياد رکو روزي دوران انسولين لڳائڻ، ۽ شگر  ٽيسٽ ڪرڻ سان روزو ناهي ٽٽندو.

 ورزش جا عادي ماڻهو:

شوگر جو شڪار اهڙا ماڻهو جيڪي ورزش جا عادي هجن رمضان ۾ به ٿوري ورزش ڪري سگھن ٿا پر سخت ورزش کان پاسو ڪن. جيتوڻيڪ تراويح پڙهڻ به ورزش جو متبادل آهي پر پوءِ به ورزش ڪرڻ گھرجي ۽ روزو کلڻ کان 2 ڪلاڪ پوءِ ورزش ڪرڻ مناسب آهي. ورزش ڪرڻ کان اڳ رت ۾ گلوڪوز جي سطح ضرور چيڪ ڪريو.

روزو ڪهڙي صورت ۾ ختم ڪيو وڃي؟

شگر جي مريضن جو ان صورتن ۾ فوري طور تي روزو کولڻ ضروري آهي. افطاري کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ رت ۾ گلوڪوز جي ليول 70 ملي گرام پر ڊيسي ليٽر کان گھٽجي ويندي آهي. ڏينهن جي شروعات ۾ رت ۾ شگر جي سطح 80 ملي گرام پر ڊيسي ليٽر کان رهي هجي ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪريو يا روزو کولي ڇڏيو. رت ۾ شگر جي سطح 300 ملي گرام پر ڊيسي ليٽر کان بلند ٿي وڃي ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪريو. جيڪڏهن روزو کلڻ ۾ هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ باقي هجي ۽ ان دوران رت ۾ شگر جي مقدار 80 ملي گرام پر ڊيسي ليٽر کان گھٽ ٿي وڃي ته ترت سڀ ڪم ڇڏي آرام سان ويهي رهو ۽ هر اڌ کان پوءِ شگر چيڪ ڪندا رهو. مٿي ڏنل هدايتن کي نظر ۾ رکندي شگر جو شڪار ماڻهو به رمضان جي فيض ۽ برڪتن مان فائدو وٺي سگھن ٿا.

You might also like