رحيم يار خان: اڪبر بگٽي ايڪسپريس ۽ مال گاڏي ۾ ٽڪر، 21 ڄڻا فوت

رحيم يار خان ( ويب ڊيسڪ ) ولهار اسٽيشن ويجهو هڪ مسافر ٽرين حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽن موجب لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر بگٽي ايڪسپريس جو رحيم يار خان ويجهو ولهار اسٽيشن جي حدن ۾ بيٺل مال گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ مسافر ٽرين جي انجڻ مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ 3 کان 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جڏهن ته 6 کان 7 بوگيون سخت متاثر ٿيون.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو عملو واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ امدادي ڪارروائين شروع ڪري ڇڏيون، حادثي جي زخمين ۽ فوت ٿيندڙن کي جناح ۽ شيخ زائد اسپتال نيو ويو .

ڊي پي او عمر سلامت ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته رحيم يار خان جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته هيلپ لائين ۽ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي.

ڊي پي او عمر سلامت موجود هنيئر تائين 11 مڙهه ۽ 67 زخمين کي ڪڍيو ويو آهي جن مان 3 کان 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين کي رت جي عطئي جي ضرورت آهي جنهن بندوبست  ڪيو پيو وڃي.

اسپتال ذريعن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪٽرز ۽ هيوي مشينري موقعي تي پهچي وئي آهي ۽ ريسڪيو آپريشن به جلد مڪمل ٿي ويندو.

ايڊيشنل جنرل مئنيجر ريلوي زبير شفيع موجب اڪبر ايڪسپريس جو ڊرائيور عبدالخالق ۽ اسسٽينٽ ڊرائيور اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.

زبير شفيع ٻڌايو ته اڪبر ايڪسپريس جون 10 مان 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن،  حادثي کانپوءِ اپ ٽريڪ تي ريل گاڏين جي آمدرفت روڪي وئي هئي پر ساڍي اٺين وڳي ان کي بحال ڪيو ويو آهي.

مسافرن جو چوڻ آهي ته حادثو صبح اٽڪل چار وڳي پيش آيو آهي، ريل گاڏين ۾ سوار اڪثر مسافر سوار آهن، حادثو ڪانٽو تبديل نه ڪرڻ سبب پيش آيو آهي، اسٽيشن وارا پنهنجا فرض انجام نه ڏئي رهيا هئا نه ته اهو نقصان نه ٿئي ها.

اکين ڏٺن شاهدن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي پنهنجي مدد پاڻ تحت بوگين مان نڪرڻو پيو، حادثو پيش اچڻ کان گهڻي دير پوءِ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون.

وزيراعظم جو ريل حادثي تي ڏک جو اظهار

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان رحيم يار خان ويجهو ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجون همدرديون متاثر خاندان سان آهن،  زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.

وزيراعظم چيو ته ڪيئي ڏهاڪن کان ريلوي جي انفراسٽرڪچر کي نظرانداز ڪيو ويو. هن انفراسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻ ۽ سيفٽي اسٽينڊرڊ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

شيخ رشيد ريل حادثي کي انساني غفلت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد ريل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 15 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شيخ رشيد چيو ته حادثي جي سخت زخمين کي 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک رپيا ڏنا ويندا.

ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته اڪبر ايڪسپريس غفلت سبب حادثي جو شڪار ٿي آهي، حادثو انساني غفلت جو نتيجو آهي، ان ۾ ڪانٽي وارو ملوث آهي جڏهن ته پٽڙي جي صورتحال تسلي بخش ناهي،  جڏهن ته حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾ گهڻي ڪرپشن آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، حادثن جي مڪمل جاچ ٿيندي آهي، حيدرآباد ٽرين حادثي ۾ ٻه سيڪشن آفيسرن کي نوٽيس ڪيو ۽ ٻن ڄڻن کي کاتي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.

You might also like