ڀارت ۾ عام چونڊن جو احوال

ماريا اسماعيل

آخرڪار ڀارت ۾عام چونڊن جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڀارتي اليڪشن ڪميشن ڀارتيه جنتا پارٽي جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر مودي سرڪار اچي ويندي. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب بي جي پي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل 272 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن.اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پارٽيءَ جي سيٽن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ جو بي جي پي جي اميدوارن کي وڌيڪ 31 تڪن ۾ سرسري حاصل آهي جن تي ڳڻپ جاري هُئي. ان کان پهريان مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس جي صدر راهول گانڌي شڪست تسليم ڪندي وزيراعظم مودي کي سندس ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي.

1950ع ۾ قائم ٿيل ڀارتي اليڪشن ڪميشن کي وڏي پيماني تي اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ توڻي پنهنجي ادارتي ڊسيپلين جي حوالي سان انتهائي ساکائتو ادارو سمجهيو ويندو آهي پر هينئر اهو ادارو پنهنجي ساک جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيترو تنقيد هيٺ هي ادارو هنن چونڊن ۾ رهيو اوترو اڳ ڪڏهن نه رهيو آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪي مک الزام اليڪشن ڪميشن مٿان لڳندا رهيا سي هن ريت آهي .

  • 11 اپريل کان جيئن ئي چونڊن جو پهريون مرحلو شروع ٿيو ته ڪيترن ئي ووٽرن جا نالا ووٽر لسٽن ۾ داخل نه هئا، جنهن ڪري کين ووٽ جي جمهوري حق کان محروم ٿيڻو پيو، وڏي ڳالهه ته ڀارت جي ماروتي سوزوڪي ڪمپني جي چيئرمين آر سي ڀارگو جو نالو به ووٽر لسٽ مان غائب هو. دهلي سميت ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن مان اهڙيون شڪايتون سامهون آيون پر اليڪشن ڪميشن سمورين شڪايتن کي ردڪري ڇڏيو .
  • اپوزيشن جو الزام هو ته اليڪشن ڪميشن بي جي پي جي حمايت ڪري رهي آهي. اپوزيشن جو چوڻ هو ته مودي چونڊ مهم دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي کلي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي پر اليڪشن ڪميشن کيس ڪلين چٽ ڏيندي پئي اچي. مثال طورتي  مهاراشٽر ۾ چونڊ جلسن دوران مودي پهريون ووٽ استعمال ڪندڙن کي اهو چئي اتساهيندو رهيو ته، “آئون پهريون ڀيرو ووٽ ڏيندڙن کي چوان ٿو ته هو پنهنجو ووٽ انهن وير جوانن جي نالي ڪن جن پاڪستان ۾ فضائي حملو ڪيو ۽ جيڪي پلوامه ۾ شهيد ٿيا.” مقامي اليڪشن آفيسر موديءَ جي انهيءَ بيان کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي قرار ڏنو پر حيرت جي حد ته تڏهن ٿي جڏهن اليڪشن ڪميشن موديءَ کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.

 ان کان اڳ به موديءَ کي مذهبي جذبات ڀڙڪائڻ واري تقرير تي ڪلين چٽ ڏني وئي هئي.

تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو اليڪشن ڪميشن اولهه بنگال ۾ چونڊ مهم جو وقت 19 ڪلاڪ گهٽائي ڇڏيو، پر ان سان موديءَ جي اولهه بنگال ۾ رٿيل ريلين تي ڪو به فرق نه پيو، ڇاڪاڻ ته اهي مقرر وقت تي يعني رات جو 8 وڳي کان اڳ ختم ٿي ويون، مخالف ڌر پارٽين اليڪشن ڪميشن مٿان موديءَ جي حمايت ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا

تازو ئي ووٽنگ عمل پورو ٿيڻ بعد بنا ڪنهن سيڪيورٽيءَ جي ووٽنگ مشينون منتقل ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڌانڌليءَ جا الزام هنيا ويا. ايتري قدر جو اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر ايس واءِ يوسف پڻ سيڪيورٽي ليپس تي سوال اٿاريا، پر اليڪشن ڪميشن اهي الزام رد ڪندي چيو ته ووٽنگ مشينون 24 ڪلاڪ سيڪيورٽي نگراني هيٺ آهن، جن مشينن جي منتقلي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهي اضافي مشينون آهن، جيڪي بيڪ اپ ۾ هونديون آهن.