سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي جتي سڄي ملڪ ۾ مسلمان سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي جانورن جي قرباني ۾ مصروف آهن.

اسلام آباد ۽ چئن صوبائي گادي وارن هنڌن ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جي ادائيگي جي لاءِ هزارين روح پرور اجتماع رٿيا ويا.

سڄي پاڪستان ۾ فجر جي نماز کان پوءِ عيد گاهن، مسجدن ۽ ميدانن ۾ عيد نماز جا اجتماع رٿيا ويا جنهن ۾ ملڪي ترقي ۽ سلامتي سان گڏوگڏ والاريل ڪشمير جي آزادي جي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.

ڀارتي ظلمن جي خلاف احتجاج ۽ ڪشمري عوام ٻڌي جي لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جو سينيئر اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا مظفر آباد ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

سڄي ملڪ ۾ عيد نماز جي هزارين ننڍا ۽ وڏا اجتماع رٿيا ويا ۽ ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت ترين بندوبست ڪيا ويا.

سڄي پاڪستان ۾ مينهن جي ڪري ماڻهن کي عيد نماز جي ادائيگي ۽ جانورن جي قرباني ۾ سخت ڏکيائين کي منهن پيو پوي ۽ اڪثر ماڳن تي عيد گاهن ۾ پاڻي ڀرجڻ جي ڪري مسجدن جي اندر ئي عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.

عيد نماز جي ادائيگي کان پوءِ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ سنت ابراهيم تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪئي پئي وڃي.

سڄي ملڪ ۾ سموري ضلعي انتظاميا طرفان قرباني جي جانورن جي گند کي تلف ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي لاءِ خاص بندوبست ڪيا ويا آهن.

راڄڌاني اسلام آباد ۾ عيد  نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسجد ۾ ادا ڪيو ويو جتي ملڪ جي صدر عارف علوي به نماز ادا ڪئي جڏهن ته وزير اعظم عمران خان بني گالا ۾ نماز پڙهي.

لاهور ۾ عيد نماز جو وڏو اجتماع تاريخي بادشاهي مسجد ۾ ٿيو جتي علامه عبدالخبير آزاد جي امات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سميت ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان کان سواءِ باغ جناح، منصوره، داتا دربار ۽ ٻين ماڳن تي به عيد نماز جا وڏا اجتماع ٿيا جي سيڪيورٽي جا سيڪيورٽي جا سخت ترين بندوبست ڪيا ويا هئا.

مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ڪوٽ لکپت جيل جي ڀرسان عيد جي نماز ادا ڪري پنهنجي سربراهه نواز شريف سان ٻڌڻي جو اظهار ڪيو.

اسيران آزادي ڪميٽي ۽ ليگي ڪارڪنن جيل جي ڀرسان عيد نماز جو بندوبست ڪيو ۽ نماز کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ڪشمير جي آزادي ۽ شريف خاندان جي ڏکيائين جي خاتمي جي لاءِ خاص دعائون ڪيون، نماز ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر مرزا جاويد ۽ ليگي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪراچي ۾ ڪمشنر هائوس ۾ عيد الاضحيٰ جي نماز جي ادائيگي جو بندوبست ڪيو ويو جتي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه سميت ٻين عيد جي نماز ادا ڪئي.

خيبرپختونخواهه ۾ عيد الاضحيٰ جي لاءِ خاص بندوبست ڪيا ويا ۽ گورنر شاهه فرمان  ۽ ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان سميت ٻين وزيرن عيد نماز گورنر هائوس ۾ ادا ڪئي.

ٻين شهرن جيان ڪوئيٽا ۾ به عيد الاضحيٰ جا ننڍا وڏا اجتماع رٿيا ويا ۽ بلوچستان جي گورنر جسٽس (ر) امان الله خان ۽ وڏي وزير ڄام ڪمال عيد نماز گورنر هائوس ۾ ادا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.