مصر ۾ ٽريفڪ حادثو، 12 ڄڻا اجل جو شڪار

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي تخت گاهه قاهرا جي ڏاکڻي علائقي ۾ پيش آيل هڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن.

مصر جي سرڪاري ميڊيا فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

مصر ۾ ٽريفڪ حادثا معمول جي ڳالهه آهي، جنهن جو سبب لاپرواهي ۽ روڊن جي خراب صورتحال آهي.

گذريل سال مصر ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.

You might also like