ٿر جا اسڪول اوطاقون بڻجي ويا

غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جيڪو تعليمي لحاذ سان پٺتي پيل آهي، ستن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڪلوئي، ننگر پارڪر، ڏاهلي، ڏيپلو تعلقن جي ٽوٽل 2600 جي لڳ ڀڳ ڳوٺن جي آبادي 17 لک ٻڌائي وڃي ٿي، پوري ضلعي ۾ سرڪاري اسڪول جن جو انگ 41 سئو ٻڌايو وڃي ٿو پر انهيءَ مان سوين اسڪول وڏي عرصي کان بند پيل آهن، انهن مان اهڙا وڏي تعداد ۾ اسڪول اڄ به موجود آهن، جيڪو اُتان جي بااثر وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿيل آهن، انهن اسڪولن ۾ وڏيرن اوطاقون قائم ڪري ڇڏيون آهن، ضلعي ۾ اسڪول بند هجڻ ڪري لکن جي انگ ۾ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، اُتي عوامي آواز پاران سياسي اڳواڻن جون اسڪولن ۾ دعوتن دوران ملندڙ خبرن کي ڪوريج ڏيڻ واري عمل بعد عوامي سجاڳي پيدا ٿي وئي آهي، ننگرپارڪر جي ڳوٺ سورونڀرڙو جي بند پيل اسڪول ۾ هڪ مقامي ڪائونسلر پاران ضلعي وائيس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگھ جي دعوت ڪئي هئي، جنهن جي خبر لڳڻ بعد سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ نوٽيس وٺندي ضلعي وائيس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگھ، دعوت ڪندڙ ڪائونسلر الجي ٺڪر، تعليم کاتي جي ٽي اي او، هيڊ ماستر کي 3 آڪٽوبر تي شام جو 2 بجي عدالت طلب ڪري ورتو آهي، اهڙي مهم عوامي آواز تي هلڻ بعد نوجوانن پاران اوطاق بڻيل اسڪولن جا ڦوٽو ڪڍي عوامي آواز کي موڪليا پيا وڃن.

ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٽي لک کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن، ضلعي ۾ ھلندڙ اسڪولن ۾ استادن جون بدليون ڪري ڪيترائي اسڪول بند ڪيا ويا آھن، اتي ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آھن، پر انتظاميه ڪا ڪارروائي نه ڪري سگهي آھي، اسڪولن ۾ وڏيرن اوطاقون قائم ڪري ڇڏيون آهن ۽ ايندڙ سياسي اڳواڻن کي اسڪولن ۾ ترسائي انهن جون دعوتون ڪيون پيون وڃن، وري پ پ اڳواڻ پاڻ بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ بدران انهن اندر ويهي وڏي فخر سان تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي رهيا آهن، انهيءَ حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ٿرپارڪر جي فيس بڪ پيج سوشل ميڊيا تي ڳوٺ ارنرو جي اسڪول جي تصوير وائرل ٿي وئي آھي، جنهن ۾ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جو صدر ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿارهاڻي، پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي سميت ٻيا ڪجھ سياسي اڳواڻ ويٺل آھن. جڏھن ته تصويرن ۾ اسڪول ۾ لڳل بليڪ بورڊ ڏسجي رهيو آھي.

ٿرپارڪر جتي انتظامي لاپرواهي جي ڪري ڪيترائي اسڪول اوطاقون بڻيل آھن، اتي ڪيترائي استاد به ڊيوٽين جي بدران پنهنجا ڌنڌا ڪرڻ ۾ رڌل آھي، پر انتظاميا اڃا تائين ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي آھي، ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ارنرو ۾ اوطاق بڻيل اسڪول بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو سيشن جج ٿرپارڪر سختيءَ سان نوٽيس وٺي ڇڏيو، سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ نوٽيس وٺندي جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڇاڇري کي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد ڌرين ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

ٿر ۾ ڪيترائي اسڪول جيڪي وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿيل آهن، انهن اسڪولن ۾ پ پ سينيٽر ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ۽ پ انفارميشن سيڪريٽري جي ويٺل هجڻ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن بعد انهن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد وڏيرن اسڪول خالي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، ٿر واسين عوامي آواز ۾ خبر لڳڻ ۽ سيشن جج جي نوٽيس وٺڻ تي واکاڻ ڪئي آهي ۽ اهڙي عمل کي ساراهيو پيو وڃي.

جيتوڻيڪ ٿر هونئن ئي صحت، روزگار، پاڻي ۽ تعليم جهڙين نعمتن کان محروم رهيو آهي، ٿر تي ايندڙ ڪارن ڏڪارن ٿرين کان جيئڻ جو حق ئي کسي ورتو آهي، جياپي جي جنگ وڙهندڙ ٿرين جي ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، سندن ٻچا بيمارين ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب مرندي رهن ٿا، خدارا ٿرين جي نسلن کان تعليم جهڙي نعمت ته نه کسيو، ڪو ته اهڙو گس ڇڏيو، جنهن ذريعي ٿري پنهنجي زندگي جي سگهن، اوطاقون بڻيل اسڪولن تان قبضا ختم ڪرائي، ٿرين جي تعليم سان دشمني وارو اهو عمليو بند ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.