ڪنهن جي درخواست تي ٿيون قبائلي ضلعن ۾ چونڊون ملتوي….؟ خبر پڙهندا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن خيبربختونخوا حڪومت جي درخواست تي قبائلي ضلعن ۾ صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن لاءِ ٻه جولائي تي ٿيندڙ چونڊون 18 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون ويون آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف خان موجب چيف اليڪشن ڪميشنر ( ر ) سردار محمد رضا جي صدارت هيٺ قبائلي ضلعن ۾ قوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي چونڊن بابت اهم اجلاس ٿيو.

 اجلاس دوران خيبرپختونخوا حڪومت طرفان مليل درخواست جو جائزو ورتو ويو جنهن کان پوءِ ڪميشن فيصلو ڪيو ته قبائلي ضلعن جي سيٽن لاءِ چونڊون 20 جولائي  تي ٿينديون.

You might also like