خرابين جي نشاندهي سان ئي ڪرپشن ختم ٿي سگهي ٿي: گورنر سنڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته فنڊن جي زيان ۽ خرابين جي نشاندهي ڪرڻ سان ئي ڪرپشن ختم ٿي سگهي ٿي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو.

سندس چوڻ هو ته منصوبن ۾ شفافيت لاءِ آڊٽ جو اثرائتو انتظام اڻٽر آهي، معاشي استحڪام لاءِ فنڊن جي استعمال جي نگراني ضروري آهي، ان ڏس ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي خاص اهميت حاصل آهي، ڪرپشن ختم ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي.

ان موقعي تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير چيو ته آڊٽ، احتساب تي جلد ڪراچي ۾ سيمينار ڪرايو ويندو، جيڪو عوام جي شعور کي اجاڳر ڪندو.

ملاقات ۾ سرڪاري ادارن جي مالي انتظام، ملازمن کي سهولتن سميت ٻين اهم مسئلن تي تفصيلي غور ويچار پڻ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.