گوشت بدران ڀاڄين جي  استعمال سان ماحولياتي گدلاڻ کي گھٽ ڪري سگھي ٿو: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن (يو اين او) جي ماحولياتي تبديلي بابت ٺاهيل ڪميشن چيو آهي ته جيڪڏهن گوشت کي ڇڏي ڀاڄيون کاڌيون وڃن ته ماحولياتي گدلاڻ کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو.

گڏيل قومن جي ماحوليات بابت اداري يونائيٽيڊ نيشنز انوائرمينٽ پروگرام (يو اين اي پي) جي اداري ورلڊ ميٽرولوجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) طرفان ٺاهيل ڪميشن موجب گھڻي مقدار ۾ گوشت کائڻ سان گوشت بچي رهيو آهي ۽ بچيل غذا ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجي رهي آهي.

گڏيل قومن ماتحت اداري طرفان ٺاهيل انٽر گورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج (آءِ پي سي سي) جي سائنسدانن موجب جيڪڏهن دنيا جا ماڻهو گوشت بدران ڀاڄيون کائڻ شروع ڪن ته تيزي سان خراب ٿيندڙ ماحول ۾ بهتري اچي سگھي ٿي.

ڪميشن ۾ شامل سموري دنيا جي 107 ماهرن جو خيال آهي ته جيتوڻيڪ دنيا ۾ گوشت گھڻي مقدار ۾ کاڌو وڃي ٿو، ان ڪري جانورن جي پيداوار به گھڻي ٿي رهي آهي ۽ جانورن ميٿين گيس خارج ڪندا آهن جيڪا ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻبي آهي.

ماهرن موجب سموري دينا ۾هر سال زيان ٿيندڙ غذا ڏکڻ آمريڪي جي خطي جهڙي ماحول دوست زمين کي به تباهه ڪري رهي آهي.

آءِ پي سي سي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيتوڻيڪ زيان ٿيندڙ هر طرح جي خوراڪ ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ پر گوشت ۽ کير سان ٺهيل خوراڪ ان جو سڀ کان وڏو سبب آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سموري دنيا ۾ هر سال 2 ارب وڻ ڪٽجڻ ۽ مصنوعي طريقي سان تيار ٿيندڙ خوراڪ به ماحولياتي تبديلي جو سبب آهن.

وڻن جي ڪٽائي، ڀاڻ ۽ ڪيميڪل جي استعمال ، غذائن ۽ ان جون شيون تيار ڪرڻ جي عمل سان سموري دنيا جي ماحول دوست زمين ۽ زرخيز زمين تيزي سان بنجر يا رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي رهي آهي.

رپورٽ موجب هن وقت سموري دنيا ۾ 50 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو بنجر ۽ رڻ پٽ جهڙي زمين تي رهي رهيا آهن، جتي خوراڪ جي کوٽ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي.

آءِ پي سي سي رپورٽ موجب سموري دنيا جي ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته هو گوشت سان ٺهيل غذائون گھٽ کان گھٽ استعمال ڪن، پر پورٽ ۾ اها تجويز ناهي ڏني وئي ته انسانن يک ڪهڙي قسم جو ڀاڄين جو استعمال ڪرڻ گھرجي.