مڇرن کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ جا آسان گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مڇر دنيا جو سڀ کان خطرناڪ جاندار آهي،  جي ها! اهڙي دعويٰ صحت جي عالمي اداري ڪئي آهي.

جنهن جو سبب اهو آهي ته مڇر جي چڪ پائڻ سبب، مليريا، ڊينگي ۽ هاڻ مختلف ملڪن ۾ زيڪا وائرس جهڙيون بيماريون ڦهلجي رهيو آهن، جن جي نتيجي ۾ هر سال 10 لک کان وڌيڪ انسان موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.

هتي اسان توهان کي اهڙا گهريلو ٽوٽڪا ٻڌائي رهيا آهيون جيڪي مڇرن کي توهان کان پري رهڻ تي مجبور ڪن ٿا.

ڦودنو

چڪ هڻڻ وارن ڪيڙن کي ڦودني جي خوشبو پسند ناهي هوندي، تو توهان ڦودني جي پتن کي پيهي پنهنجي جلد تي ملي وٺو ان سان توهان مڇرن کان پري رهي سگهو ٿا. اهڙي ريت جڏهن مڇرن جي ڏنگن واري جاءِ تي  ان پتن جي استعمال سان خارش تي به ظابطو آڻي سگهجي ٿو.

ٿوم

سائنسدانن کي يقين ته ناهي ائين ڇو ٿيندو آهي پر ائين نظر اچي ٿو ته مڇرن کي ٿوم پسند ناهي، هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جيڪي ماڻهو ٿوم جي پيسٽ کي پنهنجي هٿن ۽ پيرن تي مليندا آهن تن کي مڇرن جو ڊپ ناهي رهندو، تنهنڪري توهان ٿوم جي تيل، پيٽروليم جيل يا ميڻ کي گڏائي هڪ سلوشن ٺاهيو جيڪو مڇرن کان تحفظ ڏيڻ وارو قدرتي ٽوٽڪو ثابت ٿيندو.

مالٽي جون کلون

مالٽن جي تيز خوشبو نه رڳو مڇرن پر ڪيولين ۽ مکين کي پري ڀڄائيندي آهي، ڪيڙن کي تيز خوشبو پسند ناهي هوندي. ان ٽوٽڪي کي آزمائڻ لاءِ مالٽي جون کلون پيهي وٺو ۽ مڇرن سميت ڪيڙن کان متاثر جڳهه تي ڇڙڪي ڇڏيو. جيڪڏهن مڇر ڏنگي وجهي ته تازي مالٽي جون کلون جلد تي مهٽڻ سان خارش ۽ نشان ختم ٿي ويندا آهن.

نم جو تيل

نم جي تيل کي ناريل جي خالص تيل ۾ هڪ جيتري مقدار ۾ گڏايو ۽ پنهنجي جسم جي کليل حصي تي لڳائي ڇڏيو. ان مڪسچر جي تيز بوءَ مڇرن کي گهٽ ۾ گهٽ اٺن ڪلاڪن تائين پري رکڻ تي مجبوري ڪري ڇڏيندي.

تلسي

اها جڙي ٻوٽي ڪيئي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي جن مان هڪ مڇرن کي پري ڀڄائڻ به آهي، مڇرن جي کي ان جي خوشبو پسند ناهي ته پوءِ ان جي تازن پتن کي جلد پيهي يا ان جو تيل استعمال ڪريو.