ڪن ۾ لڳايا ويندڙ اوزارن سان دماغ جو مطالعو ڪري سگھجي ٿو

اسٽينفورڊ (ويب ڊيسڪ) “هيئرايبل” نالي ڪن ۾ لڳايو ويندڙ اوزار جي تياري جاري آهي جيڪو ڪن کان دماغ ۽ دماغ کان ڪن تائين ايندڙ اعصابي سگنلن کي پڙهي دماغ تي نظر رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندو.

ان جو شروعاتي ڪم اسٽينفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن انجام ڏنو آهي ۽ هو انساني ڪن کي يو ايس بي پورٽ جيان قرار ڏيندا آهن. اسٽينفرڊ يونيورسٽي ۾ موجود ڊولبي ليبارٽري ۾ انجينيئرنگ ۽ نيوروسائنس جي ماهر پوپي ڪرم ۽ سندس ساٿين جو چوڻ آهي ته هاڻي ٽيڪنالوجي جي ڪري حياتياتي ۽ مصنوعي ذهانت وچ ۾ فرق ختم ٿيندو پيو وڃي. هاڻي برقي اوزارن ذريعي دماغي عمل کي سمجهي سگھجي ٿو پر دماغي پروسيسنگ کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ نوٽ به ڪري سگھجي ٿو.

سندس جو چوڻ هو ته ڪن ۾ هڪ ننڍو سمارٽ اوزار لڳائي دماغي مرضن جو شڪار ماڻهن جي لاڳيتو مانيٽرنگ ڪري سگھبي. جيئن ڪنن ۾ لڳل هيڊ فون سان دماغ ۾ آواز ويندو آهي اوهڙيءَ ريت دماغ جا سگنل ڪن تائين ايندا آهن ۽ ان خاص اوزار سان ان کي نوٽ ڪري سگھجي ٿو.

پوپي ڪرم هاڻي ايترو پرجوش آهي جو هن موجب ايندڙ پنجن ورهين ۾ ڪن ۾ لڳايا ويندڙ اهڙا اوزار عام ٿي ويندا جيڪي مختلف طريقن سان دماغ کي پڙهندا.

You might also like