دم ڪباب

شيون: هڪ ڪلو چاپ ڪيل گوشت (هڏن کان سواءِ) اڇو جيرو هڪ چمچو، گيهه ضرورت موجب، کيرو ٻن انچن جو هڪ ٽڪرو، بادام6 عدد، گرم مصالو ٻه چانهن وارا چمچا، خس خس هڪ کائڻ وارو چمچو، ڳاڙها مرچ هڪ چانهن وارو چمچو، ساوا مرچ ۽ ڦودنو ضرورت موجب. پچائڻ جو طريقو: گوشت جي ٽڪرن کي ڌوئي لوڻ هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ڇڏي ڏيو، اڇو جيرو خس خس ڏونگھي جو ٽڪرو ۽ بادام کي ڀڃي وٺو پوءِ ان کي مشين ۾ پيهين وٺو، ان ۾ گرم مصالو ۽ ڳاڙها مرچ ملائي گوشت تي هڻو، گوشت تي ٿورو ٿورو گيهه به هڻندا رهو، اوون ۾ 15 کان 20 منٽن تائين گرم ڪيو، پوءِ ڪڍي ساوا مرچ ۽ ڦودني جا سنها ڪتر ڪري وجهوس هاڻي اوهان جو دم ڪباب تيار آهي.36